Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

جي مُريد مُعينُ الدّين کي قبول ڪري ڇڏيو. [1]

خواجۂ ہند  وہ  دربار  ہے  اعلیٰ  تیرا                                                                                         کبھی محروم نہیں مانگنے والا تیرا

ہے تری ذات عجب بحرِ حقیقت پیارے                                        کسی تیراک نے پایا نہ کنارا تیرا [2]

   سُـبْحٰـنَ الـلّٰــه! ڪيترو عظيم شان آهي. جديد سائيڪالوجي (علمِ نفسيات) وارا به ان کي مڃين ٿا ته ڪاميابي جي شروعات هميشه هڪ خيال، هڪ جذبي ۽ هڪ ڪيفيت کان ٿيندي، اسان جو مسئلو هي آهي ته اسان جي دل ۾ ايماني ڪيفيات پيدا ٿئي ته اسان ان کي سنڀاليندا ناهيون * ڪڏهن ڪو بيان دل تي چوٽ لڳائيندو آهي  * ڪڏهن قرآنِ ڪريم جي ڪا آيت ٻڌندا آهيون ته دل تي اَثر ڪري ويندي آهي  * ڪڏهن ڪا حديث شريف ٻڌي ڪري جسم ڪانڊارجي ويندو آهي پر اسان ٻڌي اَڻَ ٻُڌي ڪري ڇڏيندا آهيون، گهڙي کَن ڏَڪڻي طاري ٿيندي آهي وري ختم ٿي ويندي آهي، اسان ان ايماني ڪيفيت کي سنڀالڻ جي ڪوشش ناهيون ڪندا. اسان کي گهرجي ته اسان دل ۾ پيدا ٿيڻ واري سُٺي ڪيفيت کي قابو ڪيون، ان جي تقاضائن جي مطابق عمل ڪيون، دل ۾ محبتِ الٰهي وڌائيندا وڃون ۽ الله پاڪ جي حضور حاضر ٿي ڪري عاجزي ۽ انڪساري جو پيڪر بڻجي ڪري عرض ڪيون:

اِیَّاکَ نَعْبُدُ وَ اِیَّاکَ نَسْتَعِیْنُ ؕ(۴)   (سيپارو: 1، سورة فاتحه، آيت: 4)

ترجموڪنزالعرفان: اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا.

    الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي.

اٰمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم


 

 



[1] معین الارواح،صفحہ:50۔

[2] ذوق نعت،صفحہ:27۔