Ibadat Aur Istianat

Book Name:Ibadat Aur Istianat

     ان ڪري اسان کي گهرجي ته ڪثرت سان الله پاڪ جي عبادت ڪيون. عُلماءِ ڪرام فرمائن ٿا: عبادت هڪ امانت آهي ۽ ڪرم وارن جو دَستُور آهي ته جڏهن امانت ادا ڪئي وڃي ته ڪرم فرمائيندا آهن. تنهنڪري جيڪڏهن اسان عبادت ڪيون ته الله پاڪ جون بيشمار ڪرم نوازيون نصيب ٿينديون.

   هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائي ٿو: مون عرب شريف جي هڪ ڳوٺاڻي کي ڏٺو، اهو مسجد جي دروازي تي آيو، پنهنجي ڏاچيءَ تان لٿو، ڏاچيءَ کي اتي ئي ڇڏيو ۽ مسجد ۾ وڃي ڪري نماز پڙهڻ لڳو، ان وڏي اطمينان سان، آهسته آهسته باوقار انداز ۾ نماز ادا ڪئي، مون کي وڏو تعجب ٿيو (ته ڪهڙو ٻانهو آهي، ان کي پنهنجي ڏاچيءَ جو ڪو فڪر ئي ناهي، وڏي اطمينان سان نماز پڙهي رهيو آهي) خير! ان نماز پڙهي، ٻاهر نڪتو ته ڏٺائين: ڏاچي موجود ناهي. جيئن ته ان الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: مولا! مون نماز پڙهي ڪري امانت ادا ڪري ڇڏي، منهنجي ڏاچي تنهنجي امان ۾ هئي، مون کي واپس موٽائي ڏي، ان اڃان هي دعا ڪئي ئي هئي ته هڪ شخص انهيءَ ڏاچيءَ تي سوار ٿي اتي پهتو، ان جو هٿ ڪٽيل هو، اهو ڏاچي ان ڳوٺاڻي کي ڏئي  هليو ويو.[1]

   سبحان الله معلوم ٿيو: عبادت هڪ امانت آهي، اسان هي امانت ادا ڪنداسين ته الله پاڪ اسان تي ڪرم فرمائيندو. پياري آقا، مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اِحْفَظِ اللہَ فِی الْخَلَوَاتِ یَحْفَظْکَ فِی الْفَلَوَاتِ يعني تون خلوت ۾ الله پاڪ (جي احڪام) جي حفاظت ڪر! الله پاڪ رڻپٽ ۾ تنهنجي حفاظت فرمائيندو.[2]

عمل کا ہو جذبہ عطا یاالٰہی!                                                                                                          گُناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی!


 

 



[1] تفسیر کبیر ،پارہ :1،سورۂ فاتحہ ،زیر آیت :4،جلد :1،صفحہ:213۔

[2] تفسیر کبیر ،پارہ :1سورۂ فاتحہ ،زیر آیت :4،جلد :1،صفحہ:213۔