Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

اعتراض ڪيو ته جنهن ڪلام کي توهان وَحي چئو ٿا، اهو الله پاڪ جو ڪلام ناهي. ان تي اهو ثابت ڪرڻ لاءِ ته هي واقعي الله پاڪ جو ڪلام آهي ۽ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  واقعي الله پاڪ جا سچا نبي آهن، ڪنهن الڳ دليل جي ضرورت نه هئي، الله پاڪ فرمايو:

وَ اِنْ كُنْتُمْ فِیْ رَیْبٍ مِّمَّا نَزَّلْنَا عَلٰى عَبْدِنَا فَاْتُوْا بِسُوْرَةٍ مِّنْ مِّثْلِهٖ۪-وَ ادْعُوْا شُهَدَآءَكُمْ مِّنْ دُوْنِ اللّٰهِ اِنْ كُنْتُمْ صٰدِقِیْنَ(۲۳) (پارہ:1، سورۀ بقرہ:23)

ترجموڪنزالعرفان:  ۽ جيڪڏهن توهان کي اُن ڪتاب جي باري ۾ ڪو شڪ هجي جيڪو اسان پنهنجي خاص ٻانهي تي نازل ڪيو آهي ته توهان اُن جهڙي هڪ سورت ٺاهي آڻيو ۽ الله کان سواءِ پنهنجي سڀني مددگارن کي سڏيو.

يعني اي مڪي جا ڪافرؤ! جيڪڏهن توهان کي شڪ آهي ته هي جيڪو ڪلام مجيد اسان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تلاوت ڪندا آهن، اهو الله پاڪ جو ڪلام ناهي ته پوءِ اهڙو ڪلام توهان به بڻائي ڏيکاريو! توهان چئو ٿا: هي ڪهاڻيون آهن، ته اهڙيون ڪهاڻيون توهان به ٺاهي آڻيو! جيڪڏهن هي شاعري آهي ته توهان شاعري جي ميدان ۾ وڏا ماهر آهيو، توهان به اهڙي شاعري ڪري ڏيکاريو! ۽ وري اهو به ضروري ناهي ته توهان مان هڪ ئي شخص اهو ڪري، نه...!! توهان سڀ عرب وارا ملي وڃو! دنيا سڄي جي شاعرن کي جمع ڪيو! سڀ ملي ڪري اهڙو ٺاهي ڏيکاريو! جيڪڏهن نه ٺاهي سگهو ۽ يقيناً نه ٺاهي سگهندؤ ته مڃي وٺو هي ڪلام مجيد، قرآن ڪريم ڪنھن انسان جو نه پر الله رَبُّ العلمين جو ڪلام آهي ۽ اسان جا محبوب  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سچا نبي آهن.

  معلوم ٿيو! ٻين نبين سڳورن علیہمُ السَّلَام  کي وحي الڳ عطا ٿيندي هئي، معجزو الڳ ڏنو ويندو هو پر محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو نرالو شان آهي، الله پاڪ کيس سراپا معجزو بڻايو ۽ گڏوگڏ وحي به اها عطا