Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جو به...!!

ترے آگے یُوں ہیں دَبے لچے، فُصَحا عرب کے بڑے بڑے

کوئی جانے مُنہ میں زباں نہیں، نہیں بلکہ جسم میں جاں نہیں([1])

حُرُوفِ مُقَطِّعَات جي ايمان افروز تاويل

بھرحال! حُرُوفِ مُقَطِّعَات راز آهن، انهن جي معنيٰ ڇا آهي، اهو الله پاڪ بھتر ڄاڻي ٿو يا الله پاڪ جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڄاڻن ٿا. البته مفسرين ڪرام، علماءِ ڪرام قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ هن حُرُوفِ مُقَطِّعَات جون جائز تاويلون ڪيون آهن، انهن مان هڪ تاويل هي آهي ته حُرُوفِ مُقَطِّعَات اصل ۾ قَسْم آهن، يعني الف مان ڪا شيء بڻجندي آهي، الله پاڪ ان جو قسم ارشاد فرمايو، ايئن ئي لام ۽ ميم مان به ڪا شيء بڻجندي آهي، الله پاڪ انهن جو قسم ارشاد فرمايو آهي. ايئن هي 3 قَسْم ارشاد فرمائي ڪري الله پاڪ فرمايو:

 

لَا رَیْبَ ﶈ فِیْهِ ۚۛ-هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) (پارہ:1،سورۂ بقرہ: 2)

ترجموڪنزالعرفان: اهو وڏي رتبي وارو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي.

هاڻ اهي شيون ڪهڙيون آهن؟ الف، لام ۽ ميم مان ڇا بڻجندو آهي؟ ان باري ۾ مفسرين ڪرام جا مختلف قول آهن. عاشقِ ماہ رسالت، اعليٰ حضرت، امام اهلسنت، شاهه امام احمد رضا خان رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه  اُن جي باري ۾ وڏي ايمان افروز ڳالهه لکي آهي، پاڻ فرمائن ٿا: الف مان مراد پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ   صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي قيام واري حالات آهي، لام مان مراد سرور عالم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي حالت رڪوع آهي ۽ ميم مان مراد پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي سجدي واري حالت آهي، ايئن مطلب وڃي ٿيندو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم !


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:108۔