Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
مخالفت ڪندو ھيو پر ان ھتي مخالفت نه ڪئي، قرآن چيو ھيو ته ابولھب جھنمي آهي، ھي سچي دل سان ڪلمون پڙهي ھا ۽ صحابه ڪرام جي صف ۾ شامل ٿي چئي ها: ڏسو! قرآن مون کي جھنمي چئي ٿو پر آئون ته جنتين جي صف ۾ ۾ آهيان. پر ھي قرآن آهي، ھي عَلَّامُ الْغُیُوْب (يعني ھر لڪيل ڳالھ کي ڄاڻڻ وارو الله ڪريم) جو ڪلام آهي، الله ڪريم جي علم ازلي ۾ ھيو ته ابولھب ايمان نه آڻيندو ۽ ان واقعي ايمان قبول نه ڪيو.
معلوم ٿيو، قرآن لارَيْب ڪتاب آهي، ھن ۾ ذري برابر به شڪ جي گنجائش ناهي، جيڪو قرآن ڪريم فرمائي ڇڏيو، ان ۾ ذري برابر به گھٽ وڌائي نه ٿيندي، جئين فرمايو، ائين ٿي رھندو آھي، ھي ان ڳالھ جو دليل آهي ته قرآن ڪريم لارَيب ڪتاب آهي، ھي واقعي الله پاڪ جو ئي ڪلام آهي. الله پاڪ اسان کي لارَيب ڪتاب جو فيضان نصيب فرمائي، ان کي سکڻ، پڙهڻ، سمجھڻ ۽ سچي دل سان ان تي عمل ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
دار الإفتاء اھلسنت(Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) ايپ جو تعارف
دعوت اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمينٽ جي طرف کان ھڪ موبائيل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي وئي آهي، جنھن جو نالو آهي: ( Dar-ul-Ifta Ahlesunnat) (دار الافتاء اهلسنت) هي ايپليڪيشن ۽ ٻنهي طرح جي ڊيوائز سان بآساني ڊائون لوڊ ڪري سگهجي ٿي، هن موبائل ايپلي ڪيشن ۾ - مختلف موضوعن تي پڇيل سوالن جو آڊيو، ويڊيو ۽ ٽيڪسٽ جي صورت ۾ موجود آهن - احڪاماتِ تجارت - فرض علوم ڪورس - ۽ تجارت ڪورس ھن ۾ شامل آهي. توهان به ھن ايپلي ڪيشن مان فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به رغبت ڏياريو.