Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

ڪنديون. ([1]) *حضور اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: اِقْرَءُوا سُوْرَۃَ الْبَقَرَةِ فَاِنَّ اَخْذَهَا بَرَكَةٌ وَتَرْكَهَا حَسْرَةٌ وَلَا يَسْتَطِيعُهَا الْبَطَلَةُ   يعني سورت بَقَره جي تلاوت ڪندا ڪيو! ڇو ته سورت بَقَره ضروري سمجهڻ برڪت آهي، ان کي ڇڏي ڏيڻ حسرت آهي ۽ جادوگر هن جي مقابلي ڪرڻ جي طاقت نٿا رکن. ([2])

شيطان خبيث کي مارَ

هڪ ڀيري حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ تشريف فرما هيا، ماڻهن کي دين سيکاري رهيا هئا، پاڻ هڪ واقعو ٻڌائيندي فرمايائون: هڪ صحابي رسول     رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ ڪيڏانهن وڃي رهيو هو، رستي ۾ ان کي شيطان ملي ويو، ان صحابي رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ شيطان کي پڪڙي ورتو، ٻنهي جي وچ ۾ ملھه ٿي، صحابي رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ شيطان کي هيٺ ڪيرائي وڌو، شيطان چوڻ لڳو: مون کي ڇڏي ڏي! مان توهان کي هڪ ڳالھه ٻڌائيندس. صحابي رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ شيطان کي ڇڏي ڏنو پر شيطان پنهنجي زبان تان ڦري ويو ۽ ان ڳالهه نه ٻڌائي، صحابي رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ وري شيطان کي پڪڙيو، ٻيهر شيطان کي هيٺ ڪيرايو، هن ڀيري وري شيطان چيو: مون کي ڇڏي ڏيو! مان توهان کي هڪ عجيب ڳالهه ٻڌائيندس. صحابي رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ وري ڇڏي ڏنو، شيطان وري چيو: مان نه ٻڌائيندس. ان صحابي رسول رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ ٽيون ڀيرو وري شيطان کي پڪڙيو، هيٺ ڪيرايو هن ڀيري ان جي سيني تي ويهي ڪري ان جي ڳلي تي آڱوٺو رکي ڪري چيو: ٻڌائيندي ته ڇڏي ڏيندس، نه ته نه ڇڏيندس. هاڻ شيطان ڳالهه ٻڌائي، چيو: ڪنهن جڳھ تي ڪافي سارا شيطان گڏ ٿين، انهن جي وچ ۾ جيڪڏهن سورت بَقَره جي هڪ آيت پڙهي وڃي ته اهي سڀئي شيطان ڀڄي ويندا ۽ جنهن گهر  ۾ سورت بَقَره جي هڪ آيت پڙهي وڃي، ان گهر ۾ شيطان داخل ناهي ٿي سگهندو.


 

 



[1]...مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین ، باب فضل قراءۃ القرآن ...الخ، صفحہ:290،حدیث:804ملتقطًا۔

[2]...مسلم، کتاب صلاۃ المسافرین ، باب فضل قراءۃ القرآن ...الخ، صفحہ:290،حدیث:804۔