Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
بيان کي اختتام ڏي آڻيندي، اچو! ھڪ شرعي مسئلو سکون ٿا:
(صحيح شرعي مسئلو)
مسئلو: سجدي ۾ پير جي آڱر جي پيٽ جو زمين تي لڳائڻ فرض آهي، جڏهن ته ھر پير جي ٽي ٽي آڱرين جي پيٽ زمين تي لڳي، اھو واجب آهي ۽ ڏھه جون ڏھه آڱرين جو پيٽ زمين تي لڳائڻ ۽ آڱريون قبلي جي طرف رکڻ سنت آھي.
وضاحت: *ھن مسئلي جي باري ۾ عموماً گھڻي بي توجھي پائي ويندي آهي
-گھڻا ڀيرا ڏٺو ويو آهي ته سجدي ۾ پير زمين کان اٿيل ھوندا آھن - جيڪي زمين تي پير لڳائي رکندا آهن، ان ۾ تمام گهڻا صرف آڱرين جي چوٽي زمين تي لڳائيندا آهن، * مسئلو گھڻو ياد رکڻ جو آهي: سجدي ۾ پير جي ڏھ آڱرين مان ھڪ جو پيٽ زمين تي لڳائڻ فرض، ٻنھي پيرن 3،3 آڱرين جو پيٽ لڳائڻ واجب ۽ 10 جون 10 آڱرين جو پيٽ لڳائڻ ۽ آڱرين جو منھن قبلي جي طرف ھجڻ سنت آهي *اگر سجدي ۾ پير زمين کان کڻي ڇڏيو، ھڪ به آڱري جو پيٽ زمين تي نه لڳايو ته نماز نه ٿيندي، ٻيھر پڙهڻ فرض آهي * اگر صرف آڱوٺو لگايو، باقي آڱريون مٿي رکيون ته واجب رھجي ويندو، گناھ به ٿيندو ۽ نماز به ٻيھر پڙهڻي پوندي. ([1])
الله پاڪ اسان کي نماز سکي ڪري، صحيح انداز سان پڙهڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد