Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

جي تلاوت ڪندي ٻڌو، اهو هيءَ آيت پڙهي رهيو هو:

وَ مَنْ یُّطِعِ اللّٰهَ وَ رَسُوْلَهٗ وَ یَخْشَ اللّٰهَ وَ یَتَّقْهِ فَاُولٰٓىٕكَ هُمُ الْفَآىٕزُوْنَ(۵۲) (پارہ:18 ،سورۂ نور:52) ترجموڪنزالعرفان:  ۽ جيڪو الله ۽ ان جي رسول جي اطاعت ڪري ۽ الله کان ڊڄي ۽ ان(جي نافرماني) کان ڊڄي ته اهي ئي ماڻهو ڪامياب آهن.

ان نئين مسلمان(New Muslim)چيو: توريت، زبور ۽ انجيل ۾ جيڪا تعليم آهي، ان سڀ جو خلاصو هن آيت ۾ بيان ڪيو ويو آهي، لهٰذا جڏهن مون هيءَ آيت ٻڌي ته ڄاڻي ورتم ته(مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سچو رسول ۽) قرآن ڪريم واقعي الله پاڪ جو ڪلام آهي. ([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

(2): قرآني پيشين گوئيون

 پيارا اسلامي ڀائرو! قرآن ڪريم جي لاريب ڪتاب هجڻ جي هڪ وجهه هيءَ به آهي ته قرآن ڪريم جو هر لفظ 100 فيصد سچو آهي، قرآن ڪريم ۾ گهڻيون ئي پيشين گوئيون (يعني آينده جون ڳالهيون ٻڌايون) ويون آهن ۽ قرآن ڪريم ۾ جيتريون پيشين گوئيون آهن، سڀ جون سڀ من و عن (يعني 100 فيصد ہوبهو) سچ ثابت ٿيون آهن. قرآني پيشين گوئين جو صرف هڪ مثال ٻڌو!

قبلي تبديل ٿيڻ جو واقعو وڏو مشھور آھي، رسول اڪرم، نُورِ مُجَسَّم      صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جڏهن مڪي مڪرم ۾ تشريف فرما هيا ته نماز ۾ ڪعبي شريف ڏانهن رخ فرمائيندا ها، پوءِ جڏھن هجرت ڪري مديني منوره تشريف آندائون ته پاڻ مسجدِ اقصيٰ کي قبلو بڻايو. 17 مهينن کان پوءِ قبلو تبديل ٿيو ۽ الله پاڪ


 

 



[1]...تفسیر قرطبی،پارہ:18،سورۂ نور،زیرِ آیت:52 ،جز:12،جلد:6 ،صفحہ:193۔