Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
توهان جي قيام، رڪوع ۽ سجدي جو قسم! قرآن لاريب ڪتاب آهي.
سيّدي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هن جي هڪ ٻي به تاويل ٿي سگهي ٿي، اها هيءَ آهي ته؛ الف مان مراد شان واري رسول، مڪي مدني سلطان صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو قد مبارڪ آهي، لام مان مراد پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جا زُلف مبارڪ آهن، ميم مان مراد پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دَهن (مُنهن) مبارڪ آهي، ته مطلب بڻجندو: اي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ! توهان جي قد مبارڪ، زلف عَنبرين ۽ خوشبودار منهن مبارڪ جو قسم! قرآن لاريب ڪتاب آهي[1].
وہ خُدا نے ہے مرتبہ تجھ کو دیا، نہ کسی کو ملے نہ کسی کو ملا
کہ کلامِ مجید نے کھائی شہا تِرے شہر و کلام و بقا کی قسم ([2])
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
لَا رَیْبَ ﶈ فِیْهِ ۚۛ-هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) (پارہ:1، سورۀ بقرہ: 2)
ترجموڪنزالعرفان: اهو وڏي رتبي وارو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي.
انبياءِ ڪرام کي 2 شيون خصوصيت سان عطا ڪيون وينديون آهن: (1) وحي (2) معجزو. هي ٻئي الڳ الڳ شيون هونديون آهن.
وحي ايندي آهي مخلوق جي هدايت جي لاءِ، هي ڄڻ هڪ دعوا هوندي آهي يعني نبي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ماڻهن کي الله پاڪ جو ڪلام ٻڌائي ڪري ڄڻ ته هيءَ دعوا ڪندا آهن ته مان الله پاڪ جو نبي آهيان، ۽ هي ڪلام الله پاڪ مون تي نازل فرمايو آهي. ان دعوا جي دليل جي لاءِ انبياءِ ڪرام کي معجزا عطا فرمايا