Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
عقل دنگ رهجي ويندو آهي *سورت اخلاص مختصر سورت آهي، ڪل 4 آيتون، 15 لفط ۽ صرف 47 حرفَ آهن. ([1])ان 15 لفظن ۾ پورو توحيد جو علم بيان ڪيو ويو آهي، عُلماءِ ڪرام سورت اخلاص جي تفسير ۾ سوين صفحن تي مشتمل ڪتاب لکيا آهن*ايئن ئي سورت ڪوثر، صرف 3 آيتون ۽ 10 لفظ آهن. ([2]) ان 10 لفظن ۾ ايئن ڪمال انداز ۾ شان مصطفيٰ بيان ڪيو ويو آهي ۽ اهڙا اهڙا علم جا موتي هن ۾ رکيا ويا آهن جو واھ! سُبْحٰنَ اللہ! سورت ڪوثر جي تفسير ۾ به علماءِ ڪرام پورا پورا ڪتاب لکيا آهن *سورت فاتحه ، ان جو ته ڇا ئي شان آهي، ان جا ڪل: 27 لفظ آهن، ([3]) ان 27 لفظن ۾ ڪم و بيش 104 آسماني ڪتابن جو خلاصو بيان ڪيو ويو آهي. ([4])
اهڙو جامع ڪلام، چند لفظن ۾ ايڏي معنيٰ رکڻ، علم جا اهڙا سمنڊ سموئي ڇڏڻ، ڪنھن انسان جي وس جي ڳالهه ناهي، يقيناً اهو الله رَبُّ الْعٰلَمين جو ئي ڪلم آهي.
غير مسلم ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي ويو
هڪ ڀيري مسلمانن جي ٻي خليفي حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ مسجد نبوي ۾ آرام ڪري رهيا هئا، اچانڪ پاڻ ٻڌائون؛ ڪير وڏي آواز سان ڪلمو شهادت پڙهي رهيو هو. حضرت عمر فاروق اعظم رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ اکيون کوليون، ڏٺو، هڪ غير مسلم آهي. پاڻ ان کان ڪلمو پڙهڻ جو سبب پڇيو ته ان چيو: مون تورات، زبور ۽ انجيل شريف پڙهي هئي، هاڻ مون هڪ شخص کي قرآن ڪريم