Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
فرمائي جيڪا صرف وحي نه پر معجزو به آهي ۽ هي (يعني قرآن ڪريم) دائمي (هميشه وارو) معجزو آهي، پيارا آقا، احمد مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دنيا کان ظاهري پردو فرمائي چڪا آهن پر وحي وارو معجزو (يعني قرآن ڪريم) هاڻ به موجود آهي، قيامت تائين ايندڙ ڪو به فرد قرآن ڪريم کڻي، سچي دل سان، تعصب جي عينڪ لاهي ڪري پڙهي، سمجهي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! (اچرج ۽ حيرت مان) چئي اٿندو ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا سچا نبي آهن.
اَڄ سائنس جو دور آهي، ڪجهه عرصو پهرين جڏهن الٽرا سائونڊ مشين ايجاد نه ٿي هئي، سائنسدان اڃان ان جي باري ۾ تحقيقون ڪري رهيا هئا، ته ماءُ جي پيٽ ۾ ٻار ڪيئن ٺهندو آهي؟ نطفو يڪدم انساني شڪل اختيار ڪندو آهي يا مختلف مرحلن مان گذرڻ کان پوءِ انساني شڪل اختيار ڪندو آهي؟
آمريڪا جو هڪ ڊاڪٽر هو: مارشل جونسن، اهو به ان تحقيقي ٽيم ۾ شامل هو. هڪ ڀيرو ان جي هڪ مسلمان سان ملاقات ٿي، ملاقات جي دوران مسلمان قرآن ڪريم جي هي آيت ڊاڪٽر کي ٻڌائي (الله پاڪ فرمائي ٿو):
وَ قَدْ خَلَقَكُمْ اَطْوَارًا(۱۴) (پارہ:29،سورۂ نوح:14)
ترجموڪنزالعرفان: حالانڪ اُن توهان کي ڪيترن ئي حالتن مان گذاري بڻايو.
ڊاڪٽر جونسن ڪرسي تي ويٺو هو، جڏهن ان اِها آيت ٻڌي ته حيران ٿي هڪدم اٿي بيهي رهيو ۽ تعجب مان چيائين: اهو ناممڪن آهي، قرآن ۾ اهڙي آيت نه ٿي ٿئي سگهي. مسلمان ان کي اها آيت ڏيکاري ۽ گڏ ئي ٻيون آيتون جيڪي انساني تخليق جي موضوع تي آهن، اهي به ڏسيون، اهو ڏسي ڪري ڊاڪٽر چيو: 2 ئي صورتون ٿي سگهن ٿيون؛ (1): يا ته مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم وٽ الٽرا سائونڊ مشين هئي، انهن الٽرا سائونڊ ذريعي ڏسي ڪري اهو ڪلام ٺاهي