Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
ورتو، پر اهو ٿي نٿو سگهي، 1400 سؤ سال پهرين الٽرا سائونڊ مشين جو تصور به نه هو لهٰذا وري (2): ٻي صورت اها ئي آهي ته هي ڪنهن انسان جو نه پر الله رَبُّ الْعٰلَمِيْن جو ڪلام آهي ۽ مُحَمَّد صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم الله پاڪ جا سچا رسول آهن.
سُبْحٰنَ اللہ! معلوم ٿيو؛ قرآن ڪريم جو لاريب ڪتاب هجڻ به هڪ نعت مصطفيٰ آهي. اسان جيڪو چئو ٿا ته الحمد جي الف کان وٺي وَالنّاس جي سين تائين پوري جو پورو قرآن سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نعت آهي، اها به بلڪل سچي ڳالهه آهي، ڏسو! قرآن ڪريم جو هر هر لفظ، هر هر آيت، چاهي ان جي معنيٰ ڪجهه به هجي، اها صداقتِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو دليل آهي، يعني ڪريم جي هر هر آيت اهو ٻڌائي رهي آهي ته
صدق نے تجھ میں یہاں تک تو جگہ پائی ہے کہہ نہیں سکتے اُلش کو بھی تو جھوٹا تیرا
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
قرآن لاريب ڪتاب هجڻ جون مختلف وَجَهُون
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ فرمايو:
لَا رَیْبَ ﶈ فِیْهِ ۚۛ-هُدًى لِّلْمُتَّقِیْنَۙ(۲) (پارہ:1،سورۂ بقرہ: 2)
ترجموڪنزالعرفان: اهو وڏي رتبي وارو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي.
قرآن ڪريم لاريب ڪتاب آهي عُلماءِ ڪرام ان جون مختلف وجهون بيان فرمايون آهن.
قرآن ڪريم جي لاريب هجڻ جي هڪ وجهه هي آهي ته هي انتهائي جامع ڪلام آهي، هن جي هڪ هڪ لفظ ۾ علم جا اهڙا سمنڊ رکيا ويا آهن جو انساني