Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
سورت بَقَره جي تلاوت ڪندو آهيان. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! سورت بَقَره پڙهڻ جون ڪهڙيون ڪهڙيون برڪتون آهن! اسان به نيت ڪيون ته سورت ڪجهه نه ڪجهه تلاوت لازمي ڪندا ڪيون. الله پاڪ اسان سڀني کي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.
چھوڑو! یہ ظلمتوں کے شکوے کرو نہ ہر دَم ہے روشنی کی خواہش؛ قرآن پڑھ کے دیکھو
صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد
سورت بَقَره جي پهرين ۽ ٻي آيت جي باري ۾ ڪجهه مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين. الله پاڪ اسان کي قرآن جي نُور مان حصو نصيب فرمائي.
اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.
سورۃ بَقَره، آيت: 1 ۽ 2
الله پاڪ سوره بَقَره جي آيت 1 ۽ 2 ۾ ارشاد فرمايو:
الٓمّٓۚ(۱) ذٰلِكَ الْكِتٰبُ لَا رَیْبَ ﶈ فِیْهِ (پارہ:1، سورۀ بقرہ:1-2)
ترجموڪنزالعرفان: الم، اهو وڏي رتبي وارو ڪتاب جنهن ۾ ڪنهن به شڪ جي گنجائش نه آهي.
الٓمّٓ ": هي حروف مقطعات مان آهي. قرآن ڪريم جي مختلف سورتن جي شروع ۾ اهڙي قسم جا حروف ايندا آهن، مثال طور؛ الٓمّٓ " الٓمّٓصٓ"" الٓرٰ " وغيره. انهن کي حروف مقطعات چوندا آهن. حروف مقطعات جي باري ۾ درست ۽ پختي ڳالهه اها آهي ته اَللہُ وَ رَسُوْلُہٗ اَعْلَمُ بِمُرَادِہٖ يعني هنن حروف مقطعات جو مطلب ۽ معنيٰ الله