Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
ٻيهر ڪعبي شريف کي قبلو بڻائڻ جو حڪم ڏنو. ان قبلي جي تبديلي تي ان وقت جي ڪافرن گهڻائي اعتراض ڪيا، انهن جا جواب به ڏنا ويا. ان موقعي تي هڪ انوکي، نرالي ڳالهه جيڪا هئي، اها هي ته قبلو تبديل ٿيڻ کان پوءِ اڃان ڪافرن اعتراض ڪيا نه هئا، ان کان پهريان ئي الله پاڪ فرمايو:
سَیَقُوْلُ السُّفَهَآءُ مِنَ النَّاسِ مَا وَلّٰىهُمْ عَنْ قِبْلَتِهِمُ الَّتِیْ كَانُوْا عَلَیْهَاؕ (پارہ:2،سورۂ بقرہ:142) ترجموڪنزالعرفان: هاڻي بيوقوف ماڻهو چوندا، هنن مسلمانن کي هنن جي اُن قبلي کان ڪنهن ڦيريو جنهن تي هي پهريان هئا؟
اڃان انهن اعتراض ڪيا ناهن، عنقريب ڪندا. هاڻ ٿورو غور فرمايو! ڪافر اسلام کي مٽائڻ لاءِ چوٽي جو زور لڳائيندا هئا، پئسو خرچ ڪندا هئا، سازشون رچائيندا هئا، وڏي آسان ڳالهه هئي؛ زبان انهن جي منهن ۾ هئي، اهي پنهنجي زبانن تي تالا لڳائي رکن ها، اعتراض نه ڪن ها، جيڪڏهن اهي اعتراض نه ڪن ها ته قرآن جي هي آيت ڪوڙي ثابت ٿي وڃي ها ته ڏسو! قرآن چئي ٿو اسان اعتراض ڪنداسين پر اسان ته ڪيو ئي نه . جڏهن هڪ آيت ڪوڙي ٿي وڃي ها ته پوري قرآن تان اعتماد کڄي وڃي ها.
پر قربان وڃجي! هي الله رَبُّ العٰلَمِیْن جو ڪلام آهي، ان جو هر هر لفظ سچو آهي، جيڪو قرآن چئي ڇڏيو، اهو ٿي ڪري رهندو. الله پاڪ فرمايو ته اهي اعتراض ڪندا ته انهن واقعي اعتراض ڪيو ۽ ربّ ڪريم انهن جي اعتراضن جا جواب به ڏيڻ ارشاد فرمايا.
P.H.D اسڪالر اسلام قبول ڪري ورتو
ھڪ P.H.D اسڪالر ھيو ان علم رياضي ۾ P.H.D ڪئي ھئي اھو غير مسلم ھيو، غير مسلمن جو عام طور تي ننڍپڻ کان ئي منفي ذھن بڻايو ويندو آهي، انھن