Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

ويندا آهن، يعني ماڻهو جڏهن دليل گهرندا آهن ته اسان ڪيئن مڃون ته اوهان الله پاڪ جا نبي آهيو ته انبياء ڪرام علیہمُ السَّلام انهن کي معجزا ڏيکاريندا آهن. جيئن حضرت موسيٰ علیہ السَّلام جڏهن فرعون جي درٻار ۾ تشريف کڻي آيا، نبوت جو اعلان فرمايائون ته فرعون ان تي دليل گهريو، پاڻ علیہ السَّلام پنهنجي عصا (لٺ) جيڪا ڪاٺيءَ جي هئي، زمين تي رکي ڇڏي، اها فوراً نانگ ٿي وئي. اهو معجزو هيو.

  اهڙي ريت ٻين انبياءِ ڪرام عَـلَيْـهِمُ الـسَّـلَام کي به هي 2 خصوصي شيون وَحي ۽ معجزا عطا ڪيا ويندا آهن پر قربان وڃجي! الله پاڪ پنهنجي محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کي نرالا شانَ عطا فرمايا آهن. الله پاڪ سرڪار عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  کي بيشمار معجزا ته عطا ڪيا ئي آهن، ان سان گڏوگڏ پاڻ تي جيڪا وحي نازل فرمائي، جيڪو ڪلام قرآن ڪريم لاٿو، ان کي به سندن معجزو بڻائي ڇڏيو. يعني پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تي ان شان سان وحي نازل فرمائي جو جيڪڏهن قرآن ڪريم سان گڏ الڳ سان ڪو معجزو نه به ڏنو وڃي ها، پوءِ به قرآن ڪريم پاڻ ئي ان ڳالهه جو دليل آهي ته هي ڪنهن ٻانهي جو نه پر الله پاڪ جو ڪلام آهي.

قرآن ۽ صداقت مصطفيٰ

ڏسو! ڪافرن سچي نبي، سٺي نبي رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تي اعتراض ڪيو هو:

بَلْ قَالُوْۤا اَضْغَاثُ اَحْلَامٍۭ بَلِ افْتَرٰىهُ بَلْ هُوَ شَاعِرٌ        (پارہ:17، سورۀ انبیا:5)

ترجموڪنزالعرفان:  بلڪ(ڪافرن) چيو: ڪوڙا خواب آهن بلڪ پاڻ اُن (نبي) پنهنجي طرفان بنايو آهي بلڪ هي شاعر آهي

هي ڪافرن رحمت واري رسول، شفيع امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  تي (مَعَاذَ اللہ!)