Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

تم ہو جَواد و کریم ،تم ہو رَؤف و رَحیم             بھیک ہو داتا عَطا تم پہ کروروں درود([1])

صَلُّوا عَلَی الْحَبِیْب!           صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلٰی مُحَمَّد

 پيارا اسلامي ڀائرو! جمعةُ المبارڪ جي پوئين چند اجتماعن ۾ اسان سورت فاتحه جي وضاحت ۽ ان مان ملندڙ اهم مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اڄ کان  اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  سورت بَقَره جي ابتداء ٿيندي، الله پاڪ اسان کي خوب ذوق ۽ شوق سان مڪمل بيان ٻڌڻ، سمجهڻ ۽ ٻين تائين پهچائڻ جي توفيق عطا فرمائي. اٰمِیْن بِجَاہِ النَّبِیِّ الْاَمِیْن صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلہٖ وَسَلَّم.

سورۃ  بَقَره جو مختصر تعارف ۽ فضائل

*سورت بَقَره مديني منور ۾ نازل ٿيڻ واري سڀني کان پهرين سورت مبارڪ آهي. ([2])* هن ۾ 40 رڪوع ۽ 280 آيتون آهن. ([3])  * سورت بَقَره قرآن ڪريم جي سڀ کان وڏي، نهايت بابرڪت ۽ فضيلت واري سورت آهي * حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ  فرمائن ٿا: اسان (صحابه ڪرام علیہم الرضوان) مان جڏهن به ڪو سورت بَقَره ۽ سورت آلِ عمران سکي وٺندو هو ته اسان جي وچ ۾ ان کي وڏي رتبي وارو سمجهيو ويندو هو. ([4]) *حديث پاڪ ۾ سورت  بَقَره ۽ سورت آلِ عمران کي زَھْرَاوَيْن (2 چمڪندڙ سورتون) چيو ويو آهي. جيتوڻيڪ رحمت واري رسول، شفيعِ اُمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: اِقْرَؤُوا الزَّھْرَاوَیْنِ اَلْبَقَرَۃَ  وَسُوْرَۃَ آلِ عِمْرَان       يعني 2 چمڪندڙ سورتون سورت بَقَره ۽ سورت آلِ عمران جي تلاوت ڪندا ڪيو! ڇو ته قيامت جي ڏينهن هي ٻئي سورتون پنهنجي پڙھڻ وارن جي شفاعت


 

 



[1]...حدائقِ بخشش،صفحہ:269۔

[2]...تفسیرِ خازن ،پارہ:1،سورۂ بقرہ،جلد:1 ،صفحہ:22۔

[3]...تفسیر صراط الجنان،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،جلد:1 ،صفحہ:56۔

[4]...مسندِ امام احمد،جلد:5 ،صفحہ:341 ،حدیث:12544۔