Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

پاڪ بهتر ڄاڻي ٿو يا الله پاڪ جي عطا سان ان جا محبوب نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  ڄاڻن ٿا. ([1])

مِیَانِ طالِب و مَحْبُوب رَمْزَیْسْت                                                                              کراماً کاتِبِیں رَاہَم خَبَر نَیْسْت

مفھوم: الله پاڪ ۽ ان جي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جي وچ ۾ اهڙا راز به آهن جيڪي ڪراماً ڪاتبين فرشتن کي به انهن جي خبر ناھي.

حروف مقطعات راز آهن

مسلمانن جا پهريان خليفا حضرت ابوبڪر صِدِّيْق رَضِىَ اللّٰهُ عَـنْہُ فرمائن ٿا: فِي كُلِّ كِتَابٍ سِرٌّ وَسِرُّ اللَّهِ تَعَالیٰ فِي الْقُرْآنِ اَوَائِلُ السُّوَر يعني هر ڪتاب جو هڪ راز هوندو آهي ۽ قرآن ڪريم ۾ الله پاڪ جو راز سورتن جي شروع ۾ ايندڙ حُرُوفِ مُقَطِّعَات آهن. ([2])   

هڪ غير مسلم جو اعتراف

هڪ ڀيري رسول اڪرم، نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  سورت بَقَره جي تلاوت فرمائي رهيا هئا، پاڻ ڪريم  صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  پڙهيو:

الٓمّٓۚ(۱) ذٰلِكَ الْكِتٰبُ

ترجموڪنزالعرفان: الم، اهو وڏي رتبي وارو ڪتاب

حُيَيْ بن اَخۡطَب جيڪو يهودي هيو، ان کي جڏهن معلوم ٿيو ته اهو جلدي مان بارگاهه رسالت ۾ پهتو ۽ پڇيائين: اي مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم )! هي جيڪو توهان پڙهيو، ڇا اهو الله پاڪ جو ڪلام آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ    صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  فرمايو: ها! هي الله پاڪ جو ڪلام آهي.


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان،پارہ:1،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت :1،جلد:1 ،صفحہ:59ماخوذًا۔

[2]...تفسیرِ بغوی،پارہ:1 ،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:1 ،جلد:1 ،صفحہ:11۔