Book Name:Quran Laraib Kitab Hai
کي سمجھايو ويندو آهي ته قرآن ڪريم سٺو ڪتاب ناھي، ان ڪري سڄي زندگي نه قرآن پڙھندا آھن، نه سمجھندا آهن، نه انھن تي حق واضح ٿيندو آهي. بهرحال! ھي P.H.D اسڪالر جو ھيو، ان ھڪ ڏينھن سوچيو ته مون کي قرآن پڙھي ڪري ان مان سکڻو ته ناھي، ڀلا! ان مان غلطيون ئي ڪڍان ٿو. (اَسْتَغْفِرُ اللہ!)
اَلْحَمْدُ لِلّٰہ ! قرآن ۾ نه ڪا غلطي آهي، نه ئي اھو غلطي ڪڍي سگھيو ٿي، نه ئي ان مان نڪتي. بهرحال! ان غلطيون ڪڍڻ جي نيت سان قرآن ڪريم پڙھڻ شروع ڪيو، غلطي ته ڇا ڪڍڻي ھئي، الله پاڪ جي پاڪ ڪلام جي برڪت سان هو ڪلمون پڙهي مسلمان ٿي ويو.
اَہْلِ منطق سر بہ سجدہ رہ گئے پڑھ لیا جب فلسفہ قرآن کا
ھن قرآن ڪريم پڙهي ڪلمو ڇو پڙهيو؟ اھا ڪھڙي خاص ڳالھ ھئي، جنھن کان ھو متاثر ٿيو؟ ان حوالي سان ان پاڻ ھڪ مضمون لکيو، ان مضمون ۾ اھو لکي ٿو: جڏهن مون سُورت لَھَب پڙھي ته آئون سمجھي ويس ته قرآن الله پاڪ جو ڪلام آهي. الله پاڪ فرمايو:
سَیَصْلٰى نَارًا ذَاتَ لَهَبٍۚۖ(۳) (پارہ:30،سورۂ لہب:3)
ترجموڪنزالعرفان: هاڻي هو ڀڙڪندڙ باھ ۾ داخل ٿيندو.
ھن مبارڪ سورت ۾ صاف صاف فرمايو ويو ته ابولھب جھنمي آهي. P.H.D اسڪالر لکي ٿو، غور ڪيو ابولھب اھو شخص آهي، جيڪو ھر معاملي ۾ رسولِ اڪرم، نُوْرِ مُجَسّم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مخالفت ڪندو ھيو، نبي رحمت شفيع امت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جڏهن نيڪي جي دعوت لاءِ ويندا هئا ته ابولھب پويان ويندو ھيو، پاڻ ماڻهن کي ڪلمو پڙهڻ جي ترغيب ڏيندا هئا، ابولھب پويان آواز ڪڍي چوندو ھيو: انسانو! ھن جي ڳالھ نه ٻڌجو. سُورت لَھَبْ نازل ٿيڻ کان پوءِ ابولھب 10 سال زندھ رھيو يعني ابولھب وٽ 10 سال ھيا ۽ قرآن کي (مَعَاذَ اللہ!) ڪوڙو ڪرڻ ان جي زبان جي چوٽي تي ھيو، ھي بدبخت الله ۽ رسول جي