Quran Laraib Kitab Hai

Book Name:Quran Laraib Kitab Hai

حُيَيْ بن اَخۡطَب عِلمُ الاَعداد جو ماهر هو، جيئن ته ان گڻپ شروع  ڪري ڏني: اَلِفْ جو هڪ عدد آهي، لَامْ جا:  30  مِیْم   جا: 40۔30+40+1،  ڪل 71 ٿي ويا. ايئن حساب لڳائي ڪري چيائين: ان جو مطلب اهو ٿيو ته توهان جي اُمت 71 سال دنيا ۾ رهندي. لهٰذا جيڪو دين صرف 71 سال رهڻو آهي مان ان دين ۾ ڇو داخل ٿي وڃان؟

 حُيَيْ بن اَخۡطَب جي اها فضول ڳالھه ٻڌي ڪري رحمت واري رسول، شفيعِ اُمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ ٻئي جڳهه تان حُرُوفِ مُقَطِّعَات پڙهيا، فرمايائون: ""حُيَيْ بن اَخۡطَب ٻيهر گڻپ شروع ڪئي: اَلِفْ جو 1 عدد آهي، لَامْ جا:30، مِیْم جا: 40، صَادّ جا:90. 30 + 90 ، 120 ہو گئے، 120+40=160، 160 ۽ 1، 161چوڻ لڳو: ان جو مطلب توهان جو دين دنيا ۾ 161 سال رهندو. پياري نبي، رسول هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هڪ ٻي جڳهه تان حُرُوفِ مُقَطِّعَات پڙهيا، فرمايائون: Ì".

حُيَيْ بن اَخۡطَب چيو: هي ته پهرين کان به وڌيڪ ٿي ويا، اَلِفْ جو عدد:1، لَامجا: 30، رَاء جا: 200. هي ملائي ڪري: 231 ٿيا، يعني توهان جو دين 231 سال دنيا ۾ رهندو، رحمت واري رسول، شفيعِ اُمت صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  هي ٻي جڳهه تان پڙهيو:    الٓرٰ "حُيَيْ بن اَخۡطَب وري ڳڻپ شروع ڪئي؛ اَلِفْ جو هڪ عدد آهي، لَامْ     جا: 30 مِیْم   جا: 40، رَاء جا: 200. رسولِ خُدا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  حُرُوفِ مُقَطِّعَات پڙهندا ويا، حُيَيْ بن اَخۡطَب عِلم الاعداد جي مطابق گڻپ ڪندو ويو، آخر ان جنجهوڙي ڪري چيو: اي مُحَمَّد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ) وڃڻ ڏي! مان ان راز کي نٿو سمجهي سگهان. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ! ڇا شان آهي قرآن ڪريم جو به ۽ صاحب قرآن، مڪي مدني سلطان


 

 



[1]...تفسیر دُرِّ  منثور،پارہ:1،سورۂ بقرہ،زیرِ آیت:1 ،جلد:1 ،صفحہ:57-58۔