Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
اَلۡـحَـمۡـدُ لـِلّٰـہِ رَبِّ الۡـعٰـلَـمِیۡنَ ؕ وَ الـصَّـلٰـوۃُ وَالـسَّـلَامُ عَـلٰی خَاتَمِ النَّبِیِّن ؕ
اَمَّـا بَــعۡـدُ فَـاَعُـوۡذُ بِـا لـلّٰـہِ مِـنَ الـشَّـیۡـطٰنِ الـرَّجِیۡمِ ؕ بِـسۡمِ الـلّٰـہِ الـرَّحۡـمٰنِ الـرَّحِـیۡمِ ؕ
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا حَبِيۡبَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا رَسُوۡلَ اللّٰه
وَعَلٰي اٰلِكَ وَاَصۡحٰبِكَ يَا نُوۡرَ اللّٰه اَلصَّلٰوةُ وَالسَّلَامُ عَلَيۡكَ يَا نَبِيَّ اللّٰه
نَوَيۡتُ سُنَّتَ الۡاِعۡتِكَافِ (ترجمو: مون سنّتِ اعتڪاف جي نيّت ڪئي)
حضرت ابو درداء رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان روايت آهي ته رسولِ اڪرم، نُورِ مُجَسَّم
صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: جنهن صبح ۽ شام مون تي 10، 10 دفعا درودِ پاڪ پڙھيو، قيامت جي ڏينھن ان کي منھنجي شفاعت نصيب ٿيندي۔ (([1])
جس کے ماتھے شَفاعت کا سہرا رہا اُس جَبِینِ سَعادت پہ لاکھوں سلام
صَلُّوا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
الله پاڪ فرمايو؛
تَتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّ طَمَعًا٘-وَّ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَ(۱۶) فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّاۤ اُخْفِیَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْیُنٍۚ-جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ(۱۷)
ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جا پاسا سندن سمهڻ جي جاين کان جدا هوندا آهن ۽ اهي ڊڄندي ۽ اميد ڪندي پنهنجي رب کي پڪاريندا آهن ۽ اسان جي ڏنل مان خيرات ڪندا آهن. پوءِ ڪنهن ساهه کي معلوم ناهي اها اکين جي ٿڌاڻ جيڪا انهن جي لاءِ انهن جي عملن جي بدلي ۾ لڪائي رکي آهي.
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان سيپاري 21، سورت سجدہ جون ٻه آيتون (آيت:16 ۽ 17)