Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
هڪ حديث پاڪ ۾ آهي: الله پاڪ جي نبي حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: جنت ۾ سڀ کان گهٽ رتبي وارو ڪير هوندو؟ الله پاڪ فرمايو: جڏهن سڀ جنّتي جنت ۾ هليا ويندا ته هڪ شخص کي آندو ويندو، ان کي حڪم ٿيندو: جنت ۾ هليو وڃ! اهو عرض ڪندو: اي ربّ ڪريم! ڪيئن هليو وڃان، جنت ته ڀرجي چڪي آهي، سڀئي پنهنجي پنهنجي منزلن ۾ آهن. ان کي چيو ويندو: ڇا تون ان تي راضي آهين ته تنهنجي لاءِ ڪنهن دنياوي بادشاهه جي ملڪيت جي برابر جنت هجي؟ اهو چوندو: ها! منهنجا مولا! مان ان تي راضي آهيان، ان کي چيو ويندو: تنهنجي لاءِ ان کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ جنت آهي ۽ تنهنجي لاءِ هر اها نعمت آهي جنهن جي تون خواهش ڪرين. اهو سڀ کان ادنيٰ جنّتي هوندو. حضرت موسيٰ عَلَیْهِ السَّلَام ٻيو سوال عرض ڪيو: سڀ کان بلند رتبي وارو جنّتي ڪير هوندو؟ الله پاڪ فرمايو: اي موسيٰ! هي اهي ماڻهو آهن جن جي لاءِ نعمتون مون پنهنجي دستِ قدرت سان بڻايون، انهن تي نعمت مڪمل ڪري ڇڏي، انهن جي لاءِ اهي انعام آهن جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن انهن جو ذڪر ٻڌو، نه ڪنهن انسان جي دل ۾ انهن جو خيال گذريو. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! چار ڪم آهن: (1) شب بيداري (2) راههِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ (3) خوفِ خدا ۽ (4) رحمت جي اميد. ڪامل ايمان وارن جون اهي چار ڳالهيون آهن، انهن تي هنن کي ڪهڙن ڪهڙن عظيم انعامن سان نوازيو ويندو...!! ڪاش! اسان به اهي نيڪ ڪم ڪرڻ وارا بڻجي وڃون."
ہر گُنَہ سے بچا مجھ کو مولیٰ نیک خصلت بنا مجھ کو مولیٰ
تجھ کو رمضان کا واسطہ ہے یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے
فضل کر رحم کر تُو عطا کر اور معاف اے خُدا ہر خطا کر
واسطہ پنجتن پاک کا ہے یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد