Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
(2-1) رمضان جو مهينو ۽ خوف ۽ اميد
پيارا اسلامي ڀائرو! رمضان المبارڪ جو مقدس مهينو آهي، ڪامل ايمان وارن جون هي چار وصفون اپنائڻ جو بهترين موسم آهي. *سڄو رمضان جو مهينو خوف ۽ اميد جي ملندڙ جُلندڙ ڪيفيت ۾ گذاريو، افطار جو وقت ٿئي ته دل ڪنبڻ لڳي ته مون سڄو ڏينهن روزو رکيو، بک اُڃ برداشت ڪئي، افسوس! خبر ناهي منهنجو روزو قبول به ٿيو يا نه، گڏوگڏ اکين ۾ اها اميد به هجي ته الله پاڪ رحمٰن آهي، هو ڪنهن جي محنت کي ضايع ناهي ڪندو، منهنجو روزو به ضرور قبول فرمائيندو. *رات جو تراويح پڙهو ته دل خوف کان ڏڪي رهيو هجي، گڏوگڏ ان جي رحمت جي اميد به دل ۾ هجي *سحريءَ ۾ اُٿي، تهجد پڙهون ته اکين مان ڳوڙها وهڻ لڳن ته خبر ناهي اڄ سحريءَ جي وقت بخشيلن ۾ منهنجو به نالو هوندو يا نه، گڏو گڏ رحمت جي اميد دل کي دلاسو به ڏئي رهي هجي ته الله پاڪ رحمٰن آهي، پنهنجي گنهگار ٻانهن کي بخشي ڇڏيندو آهي. مطلب ته سڄو رمضان جو مهينو انهيءَ خوف ۽ اميد جي ڪشمڪش ۾ گذري رهيو هجي، هر لمحو اسان کي هيءُ خوف تڙپائي ته خبر ناهي هن رمضان ۾ منهنجي بخشش ٿي سگهندي يا نه، گڏو گڏ رحمت آٿت ڏئي رهي هجي ته منهنجو مالڪ ڪريم آهي، وڏو بي نياز، گهڻو نوازيندڙ آهي، بخشي ئي ڇڏيندو.
میں رحمت ،مغفِرت ،دوزخ سے آزادی کاسائل ہوں
مہِ رمضان کے صدقے میں فرمادے کرم مولیٰ
ائين ئي! ماههِ رمضان راههِ خدا ۾ خوب خرچ ڪرڻ جو مهينو آهي. پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سخين جا سخي آهن، سندن جي سخاوتن جو اندازو ڪير لڳائي سگهي ٿو، انهيءَ در جي سخاوت سان سڄو جهان فيض حاصل ڪري رهيو آهي، ان جي باوجود جو عام ڏينهن ۾ به پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت جي ڪا انتها ناهي، رمضان