Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
شب بيداري نيڪ ماڻهن جو طريقو آهي
* الله پاڪ جي آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فرمايو: توهان تي رات جو قيام لازم آهي ڇو ته بيشڪ هي توهان کان اڳ نيڪ ماڻهن جو طريقو هو، رات جو قيام الله پاڪ جو قرب ڏياريندو آهي، گناهه مٽائيندو آهي، برائين کان بچائيندو آهي ۽ جسم مان بيمارين کي ڀڄائيندو آهي. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! پيارا اسلامي ڀائرو! شب بيداري عشق ۽ محبت وارن، اولياء اللہ جو طريقو آهي، اسان جا اسلاف، بزرگانِ دين، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها پوري پوري رات عبادت ۾ گذاريندا هئا * حضرت حماد بن ابي سليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: امام اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه سڄي رات جاڳي عبادت فرمائيندا هئا. ([2]) * حضرت ثابت بناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه 50 سال مسلسل شب بيداري ڪندا رهيا، جڏهن سحري جو وقت ٿيندو هو ته هيئن دعا گهرندا هئا: اي الله پاڪ! جيڪڏهن تو پنهنجي مخلوق مان ڪنهن کي قبر ۾ نماز ادا ڪرڻ جو شرف عطا فرمايو آهي ته مون کي به عطا ڪجان. الله پاڪ سندن جي هي دعا قبول ڪئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي قبرِ انور مان تلاوت جو آواز ايندو هو. ([3]) * حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَیْہا 50 سال اهڙا گذاريا جو ڪڏهن وهاڻي تي مٿو نه رکيو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَیْہا سڄي رات نماز پڙهنديون رهنديون هيون ۽ جڏهن فجر جو وقت قريب ٿيندو هو ته ٿوري دير لاءِ مصلي تي ئي ليٽي پونديون هيون، پوءِ بيدار ٿي چونديون هيون: اي نفس! تون ڪيترو سمهندين؟ ۽ ڪڏهن جاڳندين؟ ([4]) * عظيم تابعي حضرت اُوَيس قرني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي عادتِ مبارڪه هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه رات جو اٿندا ۽ چوندا هئا: اڄ قيام جي رات