Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ سيده خديجه رَضِیَ اللہُ عَنْہا جو نالو خديجة، والِد جو نالو خُوَيۡلِد ۽ والِدہ جو نالو فاطمه آہي * پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنْہا جي ڪنيت اُمِّ قَاسِم ۽ اُمِّ ھِند آہي * پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنْہا جا لقبَ طاہرہ، سَيّدَةُ قُرَيش ، صِدّيقه ۽ الکُبريٰ آہن * پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنْہا عورتن ۾ سڀ کان پهريان اِسلام قبول ڪيو * پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنْہا پنهنجو سڄو مال حُضُورصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي قدمن تي قربان ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سڄي عمر حُضُورصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي خدمت ڪندي گذاري.
سيده خديجه رَضِیَ اللہُ عَنْہا تقريباً 25 سال حُضور پرنور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي شريڪِ حيات رهيون ۽ اعلانِ نبوت جي ڏهين سال ماهِ رمضانُ المبارڪ ۾ وصال فرمايائون. پاڻ رَضِیَ اللہُ عَنْہا جو مزارِ پاڪ جنّتُ المعليٰ ۾ آهي. اللہ پاڪ جي اُن تي رحمت هجي ۽ اُن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت ٿئي.
اٰمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖنَ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۔
صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد
مدني قاعدو (Madani Qaida) موبائل ايپلي ڪيشن
پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ ڪريم جو فيضان عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي I.T ڊيپارٽمنٽ هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي، جنهن جو نالو آهي: مدني قاعدو (Madani Qaida). هن ايپلي ڪيشن ۾مڪمل مدني قاعدو ۽ ان جي آڊيو (Audio) شامل ڪئي وئي آهي يعني هن ايپلي ڪيشن ۾ توهان مدني قاعدي جي جنهن اکر يا جنهن لفظ تي ڪلڪ (Click) ڪندؤ، آڊيو (Audio) ۾ ان جو تَلَفُّظ هلندو، ايئن هن ايپلي ڪيشن جي مدد سان آسانيءَ سان مدني قاعدو پڙهي ڪري، ان جي مشق (Practice) ڪري درست مخارج ۽ ضروري تجويد سکي سگهجي ٿي. هي ايپلي ڪيشن پنهنجي اسمارٽ فون ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ به فائدو حاصل ڪيو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.