Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
هي ڪامل ايمان وارن جي پهرين پاڪيزه عادت آهي ته انهن جا پاسا بستري کان جدا رهندا آهن. مطلب اهو آهي ته ڪامل ايمان وارا ماڻهو نماز سان محبت ڪندڙ هوندا آهن ۽ نماز پڙهڻ جي خاطر رات جو سمهندا ناهن بلڪ نمازون پڙهندا رهندا آهن۔([1])
هي نماز جنهن جي خاطر ايمان وارا رات جو سمهي ناهن سگهندا، ان مان ڪهڙي نماز مراد آهي؟ ان بابت مفسرينِ ڪرام جا مختلف قول آهن. * هڪ قول هي آهي ته صحابهءِ ڪرام عَلَیْہِمُ الرّ ِضْوَان مغرب جي نماز پڙهي گهر نه ويندا هئا بلڪ مسجد ئي ۾ ويهي نفل ادا ڪندا هئا ۽ عشاء جي نماز ادا ڪري گهر واپس ويندا هئا۔ انهن جي باري ۾ ارشاد ٿيو؛
تَتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ (پارہ :21 ،سورۂ سجدہ:16)
ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جا پاسا سندن سمهڻ جي جاين کان جدا هوندا آهن.
هڪ قول هي آهي ته صحابه ڪرام عَلَیْہِمُ الرّ ِضْوَان تهجّد ادا ڪندا هئا، انهن جي باري ۾ ارشاد ٿيو ته هي ڪامل ايمان وارا آهن، انهن جو شان هي آهي ته نماز جي محبت ۾ بستري کي ڇڏي ڏيندا آهن ۽ راتين جو اٿي نمازون ادا ڪندا آهن. ([2])
(2): ٻئين پاڪيزه عادت: راههِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ
هن ڪامل ايمان وارن جي ٻئي پاڪيزه عادت بيان ڪندي الله پاڪ فرمايو
وَّ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَ(۱۶) (پارہ :21 ،سورۂ سجدہ:16)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ اسان جي ڏنل مان خيرات ڪندا آهن.
ڪيتري خوبصورت ڳالھ آھي* هي ڪامل ايمان وارا پنهنجي نفس جي پيروي ڪرڻ وارا ناهن* سستي ناهن ڪندا *راتين جو اُٿي عبادت ڪندا