Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

آھن،* ۽ گڏو گڏ هنن جي دلين ۾ مال جي محبت، حرص ۽ لالچ به ناهي، راههِ خدا ۾ دل کولي خرچ به ڪندا آھن، ڄڻ ته هنن جي دلين ۾ الله پاڪ جي محبت به ڀريل آھي،* ۽ گڏو گڏ خدا پاڪ جي مخلوق سان محبت به ڪندا آھن، بکايلن کي کاڌو کارائيندا آھن، غريبن جي مدد ڪندا آھن، بي سھارن جو سھارو بڻجندا آھن

ٻه مبارڪ ڪيفيتون

هي ڪامل ايمان وارن جون 2 پاڪيزه عادتون آھن: (1) شب بيداري[1] (2) راههِ خدا ۾ خرچ ڪرڻ. انهن سان گڏو گڏ هنن جون مبارڪ ڪيفيتون به  ڏسو! الله پاڪ فرمايو:

یَدْعُوْنَ رَبَّهُمْ خَوْفًا وَّ طَمَعًا٘- (پارہ :21  ،سورۂ سجدہ:16)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڊڄندي ۽ اميد ڪندي پنهنجي رب کي پڪاريندا آهن.

اسان جو حال اهو آهي جو ڪڏهن سخاوت ڪري به وٺون ته خودپسنديءَ جو شڪار ٿي ويندا آهيون، پنهنجي اندر ئي اندر وڏائي ڪرڻ لڳندا آهيون ته ڏسو! مان ڪيترو سخي آهيان، مون ايتري رقم راههِ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏي ۽ جيڪڏهن تہجد جي سعادت ملي وڃي، تڏهن ته اسان جا پير ئي زمين تي ناهن لڳندا، ڪجهه نفل پڙهي پاڻ کي جيئن تمام وڏو ولي ۽ نيڪوڪار سمجهڻ لڳندا آهيون پر ڪامل ايمان وارن جو شان ئي نرالو آهي، انهن جون راتيون عبادت ۾ گذرنديون آهن، هر گهڙي نيڪيون ڪندا آهن، راهِ خدا ۾ اخلاص سان دل کولي خرچ ڪرڻ جا عادي هوندا آهن، ان جي باوجود دل جي ڪيفيت ڪهڙي هوندي آهي؟ فرمايو:

خَوْفًا وَّ طَمَعًا٘- (پارہ :21  ،سورۂ سجدہ:16)

ترجمو ڪنزالعرفان: ڊڄندي ۽ اميد ڪندي.

راتِیْں زاری کر کر رَوْنْدَے، نِیْنْد اَکھِیْں دِی دَھْونْدَے

فَجْرِیْں اَو گنْہار کَہَانْدَے سب تِھیْں نِیْوَیں ہَوْنْدَے


 

 



[1]۔۔۔ رات جو جاڳي عبادت ڪرڻ