Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
وضاحت؛ يعني هي اللہ وارا آهن، انهن جون راتيون خدا جي خوف ۾ روئيندي، گريه وزاري ڪندي گذرنديون آهن، جنهن جي ڪري انهن جون ننڊون اڏامي وينديون آهن، ان جي باوجود جڏهن صبح ٿيندي آهي ته ماڻهن جي سامهون پنهنجو پاڻ کي سڀ کان وڏو گنهگار تصور ڪندا آهن.
هي الله وارن جو شان آهي، هي ڪامل ايمان وارن جو شان آهي ته انهن جون دليون خدا جي خوف ۽ رحمت جي اميد سان ڀريل هونديون آهن، الله پاڪ قهار آهي، اهو سوچي ڪري انهن جون دليون ڏڪڻ لڳنديون آهن پوءِ وري هي سوچي ته هو رحمٰن به آهي، پوءِ تسلي ملي ويندي آهي، هي ڏڪندا آهن ته افسوس! ڪٿي هي گندو وجود ۽ ڪٿي رب ڪائنات جي بلند بارگاهه، مان هن بارگاه ۾ حاضري ڏيان ته ڪيئن ڏيان، پوءِ گڏوگڏ هي اميد به بڻجندي آهي ته هن در کان ڦرياسين ته ڀلا وينداسين ڪاڏي...!!
جو ہیبت سے رُکے مُجْرِم تو رحمت نے کہا بڑھ کر چلے آؤ! چلے آؤ! یہ گھر رحمٰن کا گھر ہے
هي اللہ پاڪ جا نيڪ ٻانها، هي ڪامل ايمان وارا پنهنجي نيڪين تي فخر ناهن ڪندا، خودپسنديءَ جو شڪار ناهن ٿيندا، غرور ۽ تڪبر ناهن ڪندا بلڪ پنهنجي رب کي پڪاريندا آهن خوف ۽ رغبت سان. انهن جون دليون خوف ۽ اميد جي وچ ۾ رهنديون آهن.
حضرت ذُوالنّون مِصۡري رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جڏهن نماز جي نيت ڪندا هئا ته بارگاھِ الٰهي ۾ عرض ڪندا هئا: مولا! اهي ڪهڙا پير آهن، جن سان هلي مان تنهنجي بارگاهه ۾ حاضري ڏيان؟ اها ڪهڙي اک آهي جنهن سان ڪعبي ڏانهن نظر ڪريان؟ اها ڪهڙي زبان آهي جنهن سان تنهنجو ذڪر ڪريان؟ (نه پير ان قابل آهن جن سان تنهنجي طرف هلي سگهان، نه زبان ان قابل آهي جنهن سان تنهنجو ذڪر ڪري سگهان، نه وجود ان لائق آهي جنهن سان تنهنجي بارگاهه ۾ بيهي سگهان پر ڇا ڪيان، هن در جي حاضري کي ڇڏي به نٿو سگهان)، جهڙو آهيان تنهنجي بارگاهه ۾ حاضر ٿيان ٿو. ([1])