Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

صحيح ڇا آهي؟

(درست شرعي مسئلو ۽ عوام ۾ مشهور غلط مسئلي جي نشاندهي)

مسئلو: روزو رکڻ لاءِ صبح صادق کان اڳ ئي کائڻ پيئڻ بند ڪرڻ ضروري آهي.

 وضاحت: عام طور تي ماڻهن ۾ اها غلط فهمي هوندي آهي ته ڪافي ماڻهو اَذان يا سائرن تي سحري ۽ افطار ڪن ٿا بلڪ ڪي ماڻهو ته فجر جي اذان دوران به کائيندا پيئندا رهن ٿا، ڪي اَذانِ فجر شروع ٿيڻ تي پنهنجي اصطلاح ۾ روزو بند ڪندا آهن. اهي بلڪل غلط انداز آهن، اهڙيءَ طرح روزو بند ته ڇا ٿيندو، شروع ئي نه ٿيندو.

ياد رکو! سحري ۽ افطار جو تعلق اذان سان نه بلڪ وقت سان آهي، جيئن ئي سحري جو وقت ختم ٿيو، هاڻي ڪجهه کائي پي نٿا سگهون، جيڪڏهن ڪجهه کاڌو، چاهي هڪ قطرو ئي پاڻي پيتو ته روزو نه ٿيندو. جيستائين ڳالهه آهي فجر جي اذان جي ته ان جو سحري سان ڪو به تعلق ناهي، سحري جو وقت پهريان ختم ٿيندو آهي ۽ اذانِ فجر ان کان بعد ڏني ويندي آهي.

اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! دعوتِ اسلامي جي موبائل ايپليڪيشن "Prayer Times" موجود آهي، هر شهر جي لاءِ الڳ الڳ ڪئلينڊر به دعوتِ اسلامي جاري ڪيا آهن، ان جي مدد سان گهڙي جي وقت جو خيال رکندي سحري ۽ افطاري ڪندا ڪريو. الله پاڪ هر مسلمان کي عقلِ سليم عطا فرمائي ۽ صحيح وقتن جي معلومات ڪري روزو نماز وغيره عبادتون درست ادا ڪرڻ جي توفيق فرمائي. ([1])  اٰمِین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیِّيْن صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

اسماء الحسنيٰ جون برڪتون (وظيفو)

يا جَبَّارُ

 جيڪو به ياجَبَّارُ جو مسلسل ورد رکندو، پنهنجي غيبت کان بچندو رهندو([2]) اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم !

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1]...فیضانِ رمضان، صفحہ:110-111ملتقطاً۔

[2]...مدنی پنج سورہ  ،صفحہ:247۔