Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

مدني عطيات جي ترغيب

پيارا اسلامي ڀائرو! توهان جي پنهنجي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي، هن وقت 80 کان وڌيڪ شعبن ۾ دين جي خدمت ڪرڻ ۾ مشغول آهي. اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! * ڪنزالمدارس بورڊ جي نالي سان دعوتِ اسلامي جو پنهنجو تعليمي بورڊ آهي. * تقريباً 16 هزار 500 کان وڌيڪ جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن، جن ۾ حفظ و ناظرہ، عالِم ڪورس (درسِ نظامي)، مختلف تخصصات (Specialization)، فرائض علوم ڪورسز ڪرايا ويندا آهن * جامعات و مدارس المدينه (بوائز ۽ گرلز) جي طلبا جو تعداد تقريبًا 5 لک 23 هزار آهي. * وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن ۽ ڀينرن کي قرآنِ ڪريم جي تعليم ڏيڻ لاءِ هن وقت تائين تقريباً 68 هزار کان وڌيڪ مدارس المدينه بالغان و بالغات قائم ڪيا ويا آهن، * فيضان آن لائن اڪيڊمي جي ذريعي تقريباً 24 هزار طلبا و طالبات ديني تعليم حاصل ڪري رهيا آهن. * هن وقت تائين تقريباً 21 دارالافتاء   اهلسنت قائم ڪيا ويا آهن، جن ۾ شرعي رهنمائين جو تعداد  هر ماهه اوسطاً   20 هزار آهي. * المدينة العلميه  (اسلامڪ ريسرچ سينٽر) (Islamic Research Center)    جي ذريعي ديني لٽريچر تي تحقيقي ڪم ڪيو ويندو آهي، اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! هن شعبي تحت هن وقت تائين 1784 ڪتابن  ۽   رسالن تي ڪم ٿي چڪو آهي. هن شعبي ۾ ڪيترائي مدني عالِمَ سڳورا خدمت انجام ڏئي رهيا آهن، الله پاڪ جي ڪرم سان دعوتِ اسلامي انهن مدني عالمن کي باقاعده پگهارون ڏيندي آهي. * ديني لٽريچر جي اشاعت لاءِ دعوتِ اسلامي پنهنجو اشاعتي ادارو مڪتبة المدينه قائم ڪيو آهي، جتي بهترين ۽ خوبصورت انداز ۾ ڪتابن جي اشاعت ڪئي ويندي آهي، تقسيم رسائل (يعني مختلف ڪتابَ ۽ رسالا مفت ۾ ورهائڻ) جو سلسلو به جاري آهي ۽ ڪتاب وڪرو به ڪيا ويندا آهن * سڄي دنيا ۾ ديني ڪمن جي ڌوم مچائڻ لاءِ دعوتِ اسلاميءَ جو مڪمل تنظيمي سيٽ اپ موجود آهي، ذيلي حلقي کان وٺي مرڪزي مجلسِ شورى تائين پورو هڪ نظام قائم آهي، شهر