Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

میں نے مانا کہ سب سے بُرا ہوں                                                           کس کا ہوں؟ تیرا ہوں میں تیرا ہوں

ناز رحمت پہ مجھ کو بڑا ہے                                                                                         یاخُدا تجھ سے میری دُعا ہے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

ڪامل ايمان وارن جي جزا

پيارا اسلامي ڀائرو! هي ڪامل ايمان وارن جون چار ڳالهيون آهن؛ 2 انهن جون پاڪيزه عادتون جو (1): اهي شب بيداري ڪندا آهن، رات جو نمازون پڙهندا آهن (2): راههِ خدا ۾ خرچ ڪندا آهن. ۽ ٻه انهن جون پاڪيزه ڪيفيتون جو (3): اهي الله پاڪ کان ڊڄندا به آهن (4): ۽ ان جي رحمت جي اميد به دل ۾ رکندا آهن. انهن ڪامل ايمان وارن جو انعام ڇا آهي؟ الله پاڪ فرمايو

فَلَا تَعْلَمُ نَفْسٌ مَّاۤ اُخْفِیَ لَهُمْ مِّنْ قُرَّةِ اَعْیُنٍۚ-جَزَآءًۢ بِمَا كَانُوْا یَعْمَلُوْنَ(۱۷) (پارہ :21  ،سورۂ سجدہ:17)

ترجمو ڪنزالعرفان: پوءِ ڪنهن ساهه کي معلوم ناهي اها اکين جي ٿڌاڻ جيڪا انهن جي لاءِ انهن جي عملن جي بدلي ۾ لڪائي رکي آهي.

يعني ان سخي، نيڪ، شب بيدار ايمان وارن جي لاءِ جنّت جون اهڙيون نعمتون تيار ڪيون ويون آهن جو جن کي ڪنهن اک ناهي ڏٺو، نه ئي ڪنهن کي انهن نعمتن جو تفصيلي علم آهي. بخاري شريف جي حديث پاڪ ۾آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: اَعْدَدْتُ لِعِبَادِیَ الصَّالِحِیْنَ مَا لَاعَیْنٌ رَاَتْ، وَ لَا اُذُنٌ سَمِعَتْ وَ لَا خَطَرَ عَلَی قَلْبِ بَشَرٍ يعني مون پنهنجي نيڪ ٻانهن لاءِ اهي نعمتون تيار ڪري رکيون آهن جو جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن انهن جو ذڪر ٻڌو، نه ڪنهن دل تي انهن جو خيال گذريو آهي. ([1])


 

 



[1]...بخاری ،کتاب التفسیر،باب فلاتعلم نفس ما اخفی لہم ،صفحہ:1215،حدیث :4779۔