Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

وڌائڻ جي جائز ۽ محفوظ ڪم ۾ لڳائي سگهجي ٿو ته جيئن وڌندڙ خرچن کي پورو ڪري سگهجي.

دعوتِ اسلامی کی قَیُّوم، سارے جہاں میں مچ جائے دُھوم

اس پہ فِدا ہو بچہ بچہ یااللہ! مری جھولی بھر دے

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب! صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

 (4): رمضان جو مهينو ۽ شب بيداري([1])

 پيارا اسلامي ڀائرو! ڪامل ايمان وارن جو چوٿون وصف؛ شب بيداري. عام ڏينهن ۾ به اسان کي رات عبادت ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي، هاڻي ته وري رمضان المبارڪ آهي! نيڪين وارو مهينو آهي، هاڻي به جيڪڏهن رات جو جاڳي ڪري عبادت ۽ رياضت نه ڪنداسين ته ٻيو ڪهڙو موقعو هوندو؟ ڪهڙي وقت شب بيداري ڪنداسين؟

شب بيداري([2]) جا فضائل

* پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: اي انسانو! سلام کي عام ڪريو! ماڻهن کي کاڌو کارايو! ۽ جڏهن ماڻهو سمهي رهيا هجن ته نماز پڙهو! توهان سلامتي سان جنت ۾ داخل ٿي ويندؤ ([3]) *هڪ حديثِ پاڪ ۾ آهي: منهنجي امت جا گهڻي شرف وارا ماڻهو اهلِ قرآن ۽ اصحابُ اللّيل (يعني رات جو عبادت ڪرڻ وارا) آهن.([4]) *حديث پاڪ ۾ آهي: اهي 2 رڪعتون جنهن کي ٻانهو رات جي وچ ۾ ادا ڪندو آهي، ان لاءِ دنيا ۽ جيڪو ڪجهه ان(دنيا) ۾ آهي ان کان بهتر آهن، جيڪڏهن مان پنهنجي امت تي ان کي مشڪل نه سمجهان ها ته انهن تي ان کي فرض ڪري ڇڏيان ها ([5])


 

 



[1]... رات جو جاڳي عبادت ڪرڻ

[2]... رات جو جاڳي عبادت ڪرڻ

[3]...مصنف ابن ابی شیبہ،کتاب الاوائل ،باب اول ما فعل ،جلد:8،صفحہ:338،حدیث :115ملتقطاً۔

[4]... شُعَبُ الایمان ،باب فی تعظیم القرآن ،جلد:2،صفحہ:556،حدیث :2703۔

[5]... الزہد لابن المبارک، جزء :10، صفحہ:364 حدیث:1289 ۔