Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail
ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي. *سورت سجدہ قرآن پاڪ جي مڪّي سورتن مان هڪ مختصر سورت آهي *هن ۾ 3 رڪوع ۽ 30 آيتون آهن*اسان جا پيارا آقا، مڪّي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم روزانو رات جو سمهڻ کان اڳ سورت سجدہ ۽ سورت ملڪ جي تلاوت فرمائيندا هئا *حضرت خالد بن معدان رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: نجات ڏياريندڙ سورت کي پڙهندا ڪيو ۽ اها سورت الٓمّٓ تَنْزِیْلُ (يعني سورت سجدہ) آهي. پوءِ فرمايائون: مون وٽ هيءَ حديث پهتي آهي ته هڪ شخص صرف انهيءَ سورت جي تلاوت ڪندو هو، جڏهن ان جو انتقال ٿيو ته هن مبارڪ سورت ان جي سفارش ڪئي ۽ بارگاهِ الٰہي ۾ عرض ڪيو: اي منهنجا رب ڪريم! هن جي مغفرت فرماءِ جو هيءُ هميشه منهنجي تلاوت ڪندو هو. الله پاڪ ان ٻانهي جي حق ۾ سورت سجدہ جي شفاعت قبول ڪئي ۽ ان جا گناهه نيڪين ۾ تبديل ڪري ڇڏيا ۽ ان جا درجا بلند فرمائي ڇڏيا. ([1])
سُبْحٰنَ اللہ! ڪهڙي نه برڪت واري سورت آهي، اسان انهيءَ مبارڪ سورت جون ٻه آيتون (آيت:16 ۽ 17) ٻڌڻ جو شرف حاصل ڪيو آهي. انهن ٻن آيتن ۾ ڪامل ايمان وارن جي ٻه پاڪيزه عادتن ۽ ٻه مبارڪ ڪيفيتن کي بيان ڪيو ويو ۽ اهو ٻڌايو ويو ته جنهن خوش نصيب شخص کي اهي پاڪيزه عادتون ۽ ڪيفيتون نصيب آهن، ان جي لاءِ آخرت ۾ ڪهڙا انعام تيار ڪيا ويا آهن.
(1): پهرين پاڪيزه عادت "شب بيداري([2])
الله پاڪ فرمايو:
تَتَجَافٰى جُنُوْبُهُمْ عَنِ الْمَضَاجِعِ (پارہ :21 ،سورۂ سجدہ:16)
ترجمو ڪنزالعرفان: انهن جا پاسا سندن سمهڻ جي جاين کان جدا هوندا آهن.