Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

آهي، پوءِ پوري رات قيام ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، اڳين رات چوندا هئا: اڄ رڪوع جي رات آهي پوءِ سڄي رات رڪوع ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، ٽين رات چوندا هئا: اڄ سجدي جي رات آهي، پوءِ سڄي رات سجدي ۾ ئي گذاري ڇڏيندا هئا. ([1])

الله! الله! پيارا اسلامي ڀائرو! هي آهن الله پاڪ جا نيڪ ٻانها، هي ڏينهن رات عبادت ۾ مصروف رهندا هئا، افسوس! هڪ اسان آهيون، هاڻي رمضان جو مهينو آهي، عبادت ۽ رياضت جي هن موسمِ بهار ۾ به اسان عبادت نٿا ڪري سگهون، افسوس! ڪيترا اهڙا آهن جن جون رمضان جون راتيون فضوليات ۾ گذري وڃن ٿيون * ماڻهو ٽائيم پاس ڪرڻ لاءِ گِهٽين ۾ کيڏي رهيا هوندا آهن * ڪو فضول گفتگو ۾ مصروف رهندو آهي،     * ڪو سوشل ميڊيا جو بيجا استعمال ڪندي ڪندي رات گذاري ڇڏيندو آهي ۽ * ڪيترا ته اهڙا نادان به آهن جن جون رمضان جون راتيون به گناهن ۾ گذري وڃن ٿيون. افسوس! ڪاش! اسان کي رمضان جو قدر نصيب ٿي وڃي! ڪاش! اسان به نيڪ ماڻهن وانگر دل لڳائي عبادت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون.

عبادت میں گزرے مری زندگانی                                                         کرم ہو کرم یَاخدا! یَاالٰہی!

بنادے مجھے نیک نیکوں کا صَدقہ                                                             گناہوں سے ہردم بچا یَاالٰہی!

مِرے دل سے دنیا کی چاہت مٹا کر                                                   کر اُلفت میں اپنی فنا یَاالٰہی!

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                صَلَّی اللہُ عَلٰی مُحَمَّد

حضرتِ خديجه جو ذڪر خير

پيارا اسلامي ڀائرو! 10 رمضان المبارڪ يومِ خَدِيجة الڪُبريٰ رَضِیَ اللہُ عَنْہا به آهي اچو! مسلمانن جي پياري امڙ سائڻ سيده خديجه رَضِیَ اللہُ عَنْہا جو ذڪرِ خير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪيون ٿا:


 

 



[1]...  تفسیر روح البیان ،پارہ :21،سورۂ سجدہ،زیر آیت:16،جلد:7 ،صفحہ:121۔