Shab Bay Dari Ke Fazail

Book Name:Shab Bay Dari Ke Fazail

مهيني ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي سخاوت جو درياء وڌيڪ جوش ۾ اچي ويندو هو.

    ڪاش! اسان به رمضان المبارڪ ۾ ڪامل ايمان وارن جو هي وصف اپنايون، خوب سخاوت ڪريون، دل کولي خدا جي راهه ۾ خرچ ڪريون. پهريان جيترو خدا جي راهه ۾ ڏيندا آهيون، رمضان المبارڪ ۾ ان کان وڌيڪ ڏيون، اسان جي معاشري ۾ غريبن جي ڪمي ناهي، ڪيترا يتيم، مسڪين، غريب ويچارا اهڙا هوندا جن جون سحريون ۽ افطاريون پاڻي سان ٿي رهيون هونديون، کجور خريد ڪرڻ جي به ٿي سگهي ٿو ته طاقت نه هجي، پوءِ رمضان المبارڪ کان بعد عيد به اچي ويندي آهي، ويچارا غريب چڱي نموني روزا رکي سگهن، سحري ۽ افطاري ۾ انهن جو به دسترخوان سجي، انهن کي به الله پاڪ جون پيدا ڪيل نعمتون کائڻ جو موقعو ملي، پوءِ عيد به چڱي نموني گذاري سگهن، ان لاءِ رمضان المبارڪ ۾ خوب دل کولي صدقو ۽ خيرات ڪرڻ گهرجي.

      پنهنجي غريب مائٽن سان حسنِ سلوڪ سان پيش اچو انهن جون حاجتون پوريون ڪرڻ به حسنِ سلوڪ آهي. *پنهنجي زڪوٰة *فطرو هاڻي سان ئي انهن غريبن ۾ تقسيم ڪري ڇڏيو. *انهن کي راشن ڏيو، *کاڌي جو سامان ڏيو، * گهر گهر وڃي انهن ۾ اناج مثلاً چانور، ڪڻڪ، دالون ۽ ڪيش رقم ورهايو، *انهن جي افطاري جو اهتمام ڪريو. شيخِ طريقت، امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه اسان کي ڪيتري پياري سوچ ڏيندا آهن ته مسجدن ۾ افطاريون ڪرائڻ سان گڏ اسان غريب ماڻهن جي گهرن ۾ به افطاري جو سامان يا راشن پهچائي ڇڏيون ته جيئن جيڪي پوڙها، بيمار، ٻار مسجد ۾ نٿا اچي سگهن انهن کي به آساني ٿئي ۽ انهن جون دليون به خوش ٿين. الله پاڪ اسان کي راههِ خدا ۾ دل کولي خرچ ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

اٰمین بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّی اللہُ عَلَیْہِ وَ آلِہٖ وَسَلَّم