Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
گڏوگڏ قافلي ۾ سفر ۽ امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سان ملاقات جي تمنا جو به اظهار ڪيو. پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه حضرت عبد الله شاهه اصحابي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي مزار جي مسجد جا خطيب، هڪ سني جامعه جا مفتي ۽ شيخ الحديث هئڻ جي باوجود امير اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جا طالب به ٿي ويا.
جڏهن پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه امير اهلسنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه سان ملاقات لاءِ تشريف کڻي آيا ته امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه انهن جي تعظيم ۾ انهن جي دست بوسي به ڪئي ۽ فرمايائون: ”مان ته پاڻ اوهان سان ملڻ جو خواهشمند هئس، اوهان مون کي حڪم ڪيو ها مان پاڻ اوهان وٽ حاضر ٿي وڃان ها.
الله اڪبر! ڪهڙو نه عاجزيءَ وارو انداز آهي..؟ ان کان به وڌيڪ پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي عاجزي جو عالم ته اهو آهي ته پاڻ پنهنجن مريد عالمن ۽ مفتين جي به عزت ڪندا آهن ۽ انهن سان محبت جو اظهار ڪندا آهن. مدني مذاڪرن ۾ انهن جي آمد جو شدت سان انتظار ڪندا آهن، انهن کي پنهنجي ڀرسان ويهاريندا آهن، مختلف وقتن تي انهن کان مدني مذاڪرن ۾ پڇيل مسئلن جي وضاحت وٺندا آهن. بلڪ هڪ ڀيري ته برڪت حاصل ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي عالمن ۽ مفتيانِ ڪرام جيڪي اميرِ اهلِ سنت جا مريد آهن، انهن کي برڪت لاءِ پنهنجي گهر وٺي ويا.
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي ته پوءِ الله پاڪ به ان کي بلندي عطا فرمائيندو آهي. اسان جا آقا ۽ مولا الله پاڪ جا آخري نبي، مڪي مدني رسولِ هاشمي، محمدِ عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّم حق فرمايو: مَنْ تَوَاضَعَ لِلَّهِ رَفَعَهُ اللَّهُ يعني جيڪو الله پاڪ لاءِ عاجزي اختيار ڪندو آهي، الله پاڪ ان کي بلنديون عطا فرمائي ٿو.
امير اهلِ سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه کي الله پاڪ اهڙيون بلنديون عطا فرمايون آهن جو...!!