Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

شمعدان جي روشني ۾ ڪتاب پڙهڻ شروع ڪيائين. سلطان دل ۾ سوچيو ته شايد هي ڪو عالم دين آهي، (سلطان جي اها خوبي هئي ته پاڻ علم ۽ اہل علم سان تمام گهڻي محبت فرمائيندا هئا، انهيءَ ڪري) پاڻ ان جي عزت ڪندي لشڪر کي روڪي ڇڏيائون ته جيئن هو آرام سان شمعدان جي روشني ۾ مطالعو ڪري وٺن، مطالعو ختم ڪرڻ کان پوءِ جڏهن اهو صاحب پنهنجي گهر واپس هليو ويو ته سلطان پنهنجي لشڪر سميت اتان رخصت ٿي ويو.

ان ئي رات قسمت جو ستارو چمڪي اٿيو. رات جو سُتا ته نصيب جاڳي پيو، خواب ۾ ٻنهي جهانن جا تاجدار، مڪي مدني سرڪار صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف فرما ٿيا ۽ قربان وڃان! محبوبِ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم هڪ ئي جملو ارشاد فرمايو: اي ناصر الدين سبڪتگين جا پٽ! منهنجي وارث (عالم دين) جي خدمت جي ڪري الله پاڪ توکي بخشي ڇڏيو آهي. ([1])

سُبْحٰنَ اللہ!  ڇا شان آهي منهنجي محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو...!! اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! الله پاڪ جي فضل سان پيارا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم زندهه به آهن ۽ پنهنجي امت جي احوال بلڪه دلي خيالن کان به واقف آهن. پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو به ڄاڻن پيا ته محمود غزنوي هڪ عالم دين جي خدمت ڪئي آهي، ان جي لاءِ عاجزي اختيار ڪئي آهي ۽ اهو به کين معلوم هو ته محمود غزنوي جي دل ۾ ٽن ڳالهين کي ڄاڻڻ جي جستجو آهي، تنهنڪري هڪ ئي مبارڪ جملي ۾ ٽنهي ڳالهين جو حل ارشاد فرمايائون: (1) فرمايائون: اي سبڪتگين جا پٽ! ان مان سلطان کي معلوم ٿيو ته آئون واقعي سبڪتگين جو پٽ آهيان. (2) پوءِ فرمايائون: تون منهنجي وارث جي خدمت ڪئي، ان مان انهن کي معلوم ٿي ويو ته  عاشقانِ رسول علماء واقعي انبياءَ جا وارث آهن. (3) پوءِ فرمايائون: الله پاڪ توکي بخشي ڇڏيو آهي، ان مان کين معلوم ٿيو ته هو بخشيا ويا آهن.


 

 



[1]... قلادۃ النحر فی وفیات اعیان الدہر، جلد:3، صفحہ:358بتصرف۔