Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

اسان تي سندن سايو تادير قائم رکي. اچو ته پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جو مختصر تعارف ٻڌون ٿا:

پاڻ دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه جي ولادت باسعادت 26 رمضان شريف 1369 هه بمطابق 12 جولاءِ 1950ع اربع جي ڏينهن پاڪستان جي مشهور شهر ڪراچي ۾ مغرب کان ٿورو پهريان ٿي * امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه ننڍپڻ کان ئي سادي طبيعت جا مالڪ آهن، نه ڪنهن کي برو چوندا آهن ۽ نه ئي جهيڙو ڪندا آهن * ديني رجحان جي ڪري جوانيءَ ۾ ئي علم دين جي زيور سان آراسته ٿي چڪا هئا. پاڻ علم حاصل ڪرڻ جي ذريعن مان ڪتاب پڙهڻ ۽ علماءِ ڪرام جي صحبت ۾ رهڻ کي اختيار ڪيائون، ان سلسلي ۾ پاڻ مسلسل 22 سال مفتيءِ اعظم پاڪستان حضرت علامه مفتي وقار الدين قادري رضوي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه جي صحبت بابرڪت ۾ حاضر رهيا * مفتي وقار الدين رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه ۽ شارح بخاري مفتي شريف الحق امجدي رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه کين خلافت عطا ڪئي آهي * سيپٽمبر 1981ع ۾ امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه عاشقان رسول جي ديني تنظيم دعوت اسلامي جو آغاز فرمايو، جيتوڻيڪ پاڻ ان کان پهريان به نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا، پر جڏهن کان دعوت اسلامي جو باقاعده آغاز ٿيو تڏهن کان امير اهل سنت   دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه نيڪي جي دعوت ڏيڻ جو باقاعده سلسلو شروع فرمايو * امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکَاتُہُمُ الْعَالِیَه هي مدني مقصد اختيار ڪيو ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي پوءِ هن مدني مقصد کي کڻي پاڻ نه ڏينهن ڏٺائون نه رات، مسلسل ڪوشش ڪندا رهيا، ڪندا رهيا، تان جو الله پاڪ جي ڪرم، ان جي پياري حبيب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي نظر عنايت ۽ اولياءِ ڪرام رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْہم جي فيضان سان دعوت اسلامي جو ديني پيغام سڄي دنيا ۾ عام ٿي ويو * پاڻ پري پري تائين سفر ڪندا هئا * هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪيترائي بيان ڪندا هئا * مسجد مسجد، ڳوٺ ڳوٺ، شهر شهر تشريف