Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat

وٺي ويندا هئا * ماڻهن کي نيڪي جي دعوت ڏيندا هئا * ڪٿي فوتگي ٿي ويندي هئي ته مسلمانن جي غمگساري، دلجوئي ۽ خيرخواهي جي جذبي تحت پنهنجن هٿن سان ميت کي غسل ڏيندا، ڪفن پارائيندا ۽ نمازِ جنازه پڙهائيندا هئا * غمي ۽ خوشيءَ جي موقعن تي مسلمانن جي دلجوئي اهڙي طرح فرمائيندا هئا جو اهي به نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ لاءِ اوهان جا شريڪِ سفر ٿي ويندا هئا

سندن مسلسل ڪوششن جي نتيجي ۾* جيڪي بي نمازي هئا، اهي نمازي بڻجي ويا، بلڪه مسجدن جا امام بڻجي ويا * بدنگاهي ڪرڻ وارا حيادار بڻجي ويا * ماءُ پيءُ کي ستائڻ وارا ادب ڪرڻ وارا بڻجي ويا * چور ۽ ڌاڙيل آيا، توبهه تائب ٿيا، چوري ۽ ڌاڙا ڇڏي معاشري جا شريف انسان بڻجي ويا * حسد جي باھ ۾ سڙڻ وارا شڪرگذار ۽ خيرخواهه بڻجي ويا * فلمن ۽ گانن جا شوقين نعت مصطفيٰ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ وارا بڻجي ويا * دنيا جي گندي گناهن ڀريي عشق ۾ مبتلا ماڻهو، پياري مصطفيٰ، مڪي مدني آقا صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زلفن جا ديوانا بڻجي ويا * مال ۽ دولت جي پويان ڊوڙڻ وارا الله جي رضا جا طلبگار بڻجي ويا * شرابي آيا، توبهه ڪري پاڪيزه انسان بڻجي ويا * غافل آيا، عبادت گذار بڻجي ويا * ڀٽڪيلن کي سڌو رستو ملي ويو * هزارين ڪافرن کي اسلام جي نعمت نصيب ٿي. اهڙي طرح هڪ هڪ ٻه ٻه ايندا ويا، نيڪي جي دعوت جي هن سفر ۾اوهان سان گڏ شامل ٿيندا ويا، قافلو وڌندو ويو ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! نيڪي جي دعوت جو هي ديني پيغام سموري دنيا ۾ پهچي ويو.

اے امیرِ اہلسنت تیری شوکت زندہ باد

تجھ سے دُنیا بھر میں ہے دِیں کی اشاعت زندہ باد

تیرے دم سے آئی وہ دین و شریعت کی بہار