Book Name:Ameer e Ahle Sunnat Ke Ulama Se Mohabbat
دنيا جي ڀلائي آهي، جيڪڏهن اسان انهن سان محبت ڪنداسين، انهن جي ويجهو رهنداسين ته شيطان ۽ ان جي چالن کان خبردار رهنداسين، پر جيڪڏهن اسان اہل علم جو دامن ڇڏي ڏنو ته هلاڪ ٿي وينداسين ۽ ان هلاڪت جو نقصان اسان کي دين ۽ دنيا ٻنهي ۾ کڻڻو پوندو.
حضرت ابو درداء رَضِیَ اللهُ عَنْہُ کان منقول آهي، پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: * پاڻ عالم ٿيو* يا وري طالب علم ٿيو* انهن سان محبت ڪرڻ وارا بڻجي وڃو* يا انهن جا پيروڪار بڻجي وڃو. پنجون نه ٿجو، نه ته هلاڪ ٿي ويندؤ. حضرت حسن رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه، جن هيءَ ڳالهه بيان ڪئي آهي، انهن کان پڇيو ويو ته هلاڪ ٿيڻ وارو ڪير آهي؟ ته پاڻ فرمايائون: اهو بدعتي آهي. ([1])
معلوم ٿيو ته جيڪو اہلِ علم سان بغض جي سبب محبت نه ٿو رکي اهو بدعتي آهي ۽ بدعتي شخص کي الله پاڪ ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيندو. الله پاڪ قرآن ڪريم ۾ ارشاد فرمايو آهي:
اِنَّ الَّذِیْنَ اتَّخَذُوا الْعِجْلَ سَیَنَالُہُمْ غَضَبٌ مِّنْ رَّبِّہِمْ وَ ذِلَّۃٌ فِی الْحَیٰوۃِ الدُّنْیَا ؕ وَ کَذٰلِکَ نَجْزِی الْمُفْتَرِیْنَ (۱۵۲)
(پارہ:9، سورۀ اعراف:152)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اهي ماڻهو جن گابي کي (معبود) بڻايو عنقريب انهن کي دنيا جي زندگي ۾ سندن رب جو غضب ۽ ذلت پهچندي ۽ اسان بهتان هڻڻ وارن کي اهڙو ئي بدلو ڏيندا آهيون
تفسير صراط الجنان ۾ آهي: حضرت سفيان بن عيينه رَحْمَةُ الـلّٰـهِ عَـلَيْه فرمائن ٿا: هيءَ سزا قيامت تائين اچڻ واري هر بدعتي جي باري ۾ آهي. حضرت مالڪ بن انس رَضِیَ اللهُ عَنْہُ فرمائن ٿا: هر بدعتي پنهنجي مٿان ذلت کڻندو ۽ پوءِ اها ئي آيت تلاوت فرمايائون. ([2])