Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai
يندو آهي. هتي قرآن ڪريم جي هنن مبارڪ لفظن تي غور فرمايو!
وَ اَمَّا مَا یَنۡفَعُ النَّاسَ فَیَمۡکُثُ فِی الۡاَرۡضِ (پارو:13، سورة رعد:17)
ترجمو ڪنز العرفان: ۽ اهو (پاڻي) جيڪو ماڻهن کي فائدو ڏيندو آهي اهو زمين ۾ باقي رهندو آهي.
معلوم ٿيو ته جيڪو نفعو ڏيڻ وارو هوندو آهي، جيڪو ماڻهن کي فائدو پهچائڻ وارو هوندو آهي، ان جي حفاظت جو قدرتي انتظام ڪيو ويندو آهي.
هيءَ حقيقت آهي، ڏسو! ٭ حضور غوث پاڪ رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ غريبن سان خير خواهي ڪرڻ وارا هئا، انهن کي هن دنيا مان وصال فرمائيندي صديون گذري ويون آهن پر اڄ به ماڻهن جي دلين ۾ انهن جي عقيدت موجود آهي، ماڻهو چوندا آهن، اسان کي پُٽُ گهرجي ته جيئن اسان جو نسل هلي، اسان جو نالو رهي، ٿورو غور ڪري ٻڌايو! ٭ حضور داتا گنج بخش علي هجويري رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جا ڪيترا پٽ هئا؟ هڪ به نه، پر ڏسو! اڄ پُٽَن وارن جي قبرن تي مٽي وجهڻ وارو ڪو به نه آهي، انهن جا نشان به مٽجي ويا آهن، پر اَلْحَمْدُ لِلّٰہ! داتا حضور رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي مزار پر انوار تي ڏينهن رات فيض عام جاري آهي، اللہ پاڪ جي عطا سان داتا حضور رَحْمَۃُ اللہِ تَعَالٰی عَلَیْہِ جي وسيلي سان نه ڄاڻ ڪيترن جا دک درد دور ٿي رهيا آهن ٭ اهڙي طرح ڪيترائي اولياءِ ڪاملين آهن، جن کي دنيا مان رخصت ٿئي صديون گذري ويون آهن، سالن جا سال گذري ويا آهن، انهن جو نالو، انهن جي عقيدت، انهن جي محبت اڄ به دلين ۾ موجود آهي. ماڻهو انهن جي مزارن تي حاضري ڏيندا آهن، انهن جي لاءِ فاتحه پڙهندا آهن، انهن جي نالي جون محفلون سجنديو آهن، انهن کي سلامِ عقيدت پيش ڪيو ويندو آهي، آخر ڇو؟ ان ڪري جو اهي اللہ پاڪ جا نيڪ ٻانها هئا، اهي سڀ اولياءِ ڪرام ٻين کي ديني ۽ دنياوي هر لحاظ کان نفعو پهچائڻ وارا هئا، توهان ڪنهن به ولي الله جي سيرت پڙهي ڏسو! هڪ ڳالهه سڀني جي زندگين ۾ ملندي ته هي بلند مرتبه حضرات غريبن جي مدد ڪرن وارا هئا، مسڪينن، يتيمن، بي سهارن جو سهارو بڻجڻ وارا هئا، هي پنهنجون خواہشون نه پر ضرورتون به قربان ڪري ٻين جون دليون خوش ڪرڻ وارا هئا، اللہ پاڪ انهن جي نالو، انهن جي عقيدت ۽ انهن جي محبت کي رهندي دنيا تائين محفوظ رکڻ جو قدرتي انتظام فرمايو آهي، اسان انهن بلند رُتبي وارين هستين کي ڏٺو به ناهي، انهن جي صحبت ۾ ويٺا به ناهيون، پوءِ به اسان جي دلين ۾ انهن جي