Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

Book Name:Eid Youm e Khair Khuwahi Hai

رهيو هو، ڪوئي ڪجهه سوچي رهيو هو) حضرت عبدالله بن عمر رَضِیَ اللهُ عَنْہما فرمائن ٿا: منهنجي ذهن ۾ هن سوال جو جواب اچي ويو (پر مان ننڍو ٻار هئس، مون کان وڏي عمر جا صحابه ڪرام   عَلَیْہِمُ الرِّضْوان  موجود هئا)، تنهنڪري انهن جي حياء سبب مون جواب نه ڏنو، آخرڪار پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  پاڻ ئي فرمايو:  هِيَ النَّخْلَةُ  اهو کَجيءَ جو وڻ آهي. ([1])

پيارا اسلامي ڀائرو! هيءَ هڪ حديث پاڪ اسان ٻڌي، پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  هڪ وڻ جو ذڪر فرمايو، جنهن جو مثال مسلمان وانگر آهي ۽ اهو وڻ ڪهڙو آهي؟ کجيءَ جو وڻ. عالمن هتي هڪ سوال اٿاريو آهي ته آخر کجيءَ جي وڻ ۾ اهڙي ڪهڙي خاص ڳالهه آهي؟ پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ  صَلَّی اللہُ تَعَالٰی عَلَیْہِ وَاٰلِہٖ وَسَلَّمَ  ان کي مسلمان جهڙو وڻ ڇو فرمايو؟ هن سوال جو جواب ڏيندي علماء فرمائن ٿا: کجيءَ جو وڻ مڪمل خير ۽ ڀلائي آهي، ان جو هڪ هڪ جزو، هڪ هڪ حصو نفعي بخش ۽ فائديمند آهي: ٭ کجيءَ جي پنن مان تڏا (چٽايون) ٺهنديون آهن، انهن مان رسي به ٺاهي ويندي آهي، پراڻي دور ۾ کجيءَ جي پنن مان مانيون رکڻ لاءِ ٽوڪريون به ٺاهيون وينديون هيون ٭ ان سان گڏوگڏ کجيءَ جي وڻ جي کَلَ باهه ٻارڻ لاءِ به ڪم ايندو آهي، اڳين دور ۾ ان کي ڪپهه جي جاءِ تي وهاڻا ڀرڻ ۾ به استعمال ڪيو ويندو هو ٭ کجيءَ جو ٿُڙُ (Piller) ٺُل جي طور پڻ استعمال ٿيندو آهي، اڳين زماني ۾ ان کي ڇتين ۾ گارڊر جي جاءِ تي به استعمال ڪيو ويندو هو ٭ اهڙي طرح کجيءَ جي ککڙيءَ جا به تمام گهڻا فائدا آهن، ان کي جانورن جي خوراڪ ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي، ان کي پيهي استعمال ڪريو ان جو پائوڊر طبي لحاظ تمام گهڻو فائديمند آهي  ٭ باقي رهي کجي؛ اها ته نهايت فائديمند ميوو آهي، ميون ۾ سڀ کان وڌيڪ طاقتور ۽ سڀني کان وڌيڪ نفع بخش ميوو کجي کي مڃيو ويندو آهي ٭ دم، دل، جگر، گردن، مثاني، پتي ۽ آنڊن جي بيمارين ۾ کجي فائديمند آهي ٭ هيءَ بلغم خارج ڪندي آهي ۽ وات جي خشڪي دور ڪندي آهي مطلب ته کجيءَ جي وڻ جا فائدا ئي فائدا آهن.


 

 



[1]...بخاری،کتاب العلم،باب قول المحدث:حدثنا او اخبرنا و انبانا،صفحہ:88 ،حدیث:61۔