Book Name:Be Misal Auratain

پنهنجي حلال پگھار مان ان مطالبي جو انتظام ڪري ٿو، ان کي ته بس پنهنجي قيمتي لباس ۽ زيورن سان ڪم هوندو آهي، ۽ هن طرح جون عورتون اهو چوندي نظر اينديون آهن، هاڻي اوهان آفيسر بڻجي ويا آهيو، مون وٽ ته ڍنگ جا زيور نه آهن، ڍنگ جا ڪپڙا نه آهن، ماڻهو ڇا چوندا ته آفيسر جي زال فقيراڻيءَ جيان گھمندي وتي ٿئي؟ مون کي سٺا سٺا ڪپڙا ۽ زيور آڻي ڏي ته جيئن مان پنهنجي مقام ۽ مرتبي (اسٽيٽس) جي مطابق زندگي گذاريان۔ حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي گھرواريء به پنهنجي مڙس کان اهي مطالبا ڪري سگھيون ٿي، ڇوته ان جو مڙس اوڀر کان اولھ جي هڪ وڏي علائقي جا خليفه بڻجي ويا هئا، پر قربان وڃجي انهن جي اطاعت واري جذبي تي جو فرمائشون ته رهيون هڪ پاسي پنهنجي مڙس جي چوڻ تي خوشي خوشي پنهنجا سمورا زيور بيت المال ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا۔

          ۽ وري سعادت مندي ۽ مڙس جي اطاعت جو انداز ڏسو ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي انتقال کان پوءِ انهن جي گھرواريء جو ڀاءُ يزيد بن عبد الملڪ خليفه بڻيو، ان پنهنجي ڀيڻ حضرت فاطمه کي چيو ته پنهنجا زيور واپس وٺو، پر بي بي فاطمه اهو چئي منع ڪري ڇڏيو ته جڏهن پنهنجي مڙس جي موجودگي ۾ نه ورتا ته هاڻي ڇو واپس وٺان؟

حلال تي قناعت ڪريو!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  * اهي آهن اڳوڻي دور جون بي مثال عورتون، * اها آهي انهن بي مثال عورتن جي بي مثال سوچ، * اهو آهي ان بي مثال عورتن جو بي مثال رويو، * اهي آهن ان بي مثال عورتن جا بي مثال واقعا۔ اڄ ته سڄو نظام بگڙيل آهي، ڇا مرد ڇا عورت سڀني جو حال هڪجھڙو آهي۔ ياد رکو! رزقِ حلال سان چٽڻي کائي ۽ رُکي سُکي ماني کائي سڄي زندگي گذاري وڃي ته اهو حرام جو هڪ روپيو کائڻ کان وڌيڪ بهتر ۽ فائده مند آهي۔ تنهنڪري! پنهنجو اهو ذهن بڻايو ته حالات جهڙا به ٿي وڃن صرف ۽ صرف حلال تي ئي گذارو ڪنداسين۔ حرام ڏانهن هرگز نه وينديوسين۔ الله