Book Name:Be Misal Auratain

اقرار ڪيو ته فرمائڻ لڳيون: ان جي باوجود تو کي شرمندگي ناهي ٿيندي جو زمين مان ڦٽڻ واري هڪ ڪاٺي کي سجدو ڪريو ٿا جنهن کي فلاڻي قبيلي جي حبشي تيار ڪيو آهي۔ ته ڇا هاڻي شاهدي ڏيو ٿا ته الله پاڪ کانسواءِ ڪوئي مَعبُود ناهي ۽ حضرت محمد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ الله پاڪ جا رسول آهن؟ جيڪڏهن اها شاهدي ڏيو ٿا ته مان شادي لاءِ تيار آهيان ۽ توهان جو اسلام قبول ڪرڻ ئي منهنجو (حق) مهر ٿيندو۔

هڪ روايت ۾ آهي ته حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه پڇا ڪئي: اوهان جو (حق) مهر ڇا آهي؟ چيائون: منهنجو مهر ڇا ٿي سگھي ٿو؟ اهي چوڻ لڳا: سون چاندي؟ ان تي حضرت بي بي اُم سليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها چوڻ لڳيون: مون کي سون چاندي جي ضرورت ناهي مان ته اهو چاهيان ٿي ته اوهان اسلام قبول ڪري وٺو۔ (حلیة الاولیاء،الرمیصاء ام سلیم، ۲/۷۱، رقم:۱۵۱۲)

ان تي حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه سوچڻ جي لاءِ ڪجھ وَقت گھريو ۽ هليا ويا، جڏهن ڪجھ سوچڻ کان پوءِ واپس موٽيا ته ڪلمو پڙھي مسلمان ٿي ويا۔ پوءِ حضرت اُمِّ سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها پنهنجي پٽ حضرت اَنَس رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کي حڪم ڏنو ته هو نِڪاح پڙھائن۔

(طبقات ابن سعد، رقم:۴۵۷۱، ام سلیم بنت ملحان، ۸/ ۳۱۳، ۳۱۴، ملخصا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دين کي ترجيح ڏيو!

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  هن حڪايت ۾ اسان جي لاءِ درس جا ڪيئي پهلو موجود آهن، هڪ ڳالھ ته اها معلوم ٿئي ٿي ته اڳوڻي دور جون عورتون واقعي بي مثال هيون، غور ڪريو اڄ جي هن ترقي يافته دور ۾ به جيڪڏهن ڪا خاتون خدانخواسته بيوه ٿي وڃي ته ان کي هڪ مضبوط سهاري جي ضرورت هوندي آهي ۽ جيڪڏهن ڪٿان کان اهو سهارو ملي وڃي ته ان کي اپنائڻ ۾ دير ناهي ڪئي ويندي، ۽ نه ئي ڪرڻ گھرجي جڏهن ته اهو دور ته اڃان جهالت جي انڌيرن مان نڪري رهيو هو، اتي بيوه سان ڪهڙو سلوڪ ٿيندو