Book Name:Be Misal Auratain

اِنْ شَآءَ الله۔ اچو! پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

بي مثال مهر

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! انهن بي مثال عورتن مان هڪ وڏي مشهور صحابيه حضرت بي بي اُمِّ سُلَيم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها آهن۔ اهي مشهور صحابي رسول ۽ خادمِ دربارِ رسالت حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه جي سڳي امڙ هيون۔ رسولِ خدا، مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيئي ڀيرا پنهنجي مبارڪ وجود سان انهن جي گھر کي جڳمڳايو هو۔ دين جي لاءِ انهن جي سوچ ڪهڙي هئي، اچو ان جو هڪ ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿيون:

حضرت بي بي اُمِّ سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها پنهنجي قوم سان گڏ اسلام قبول ڪيو، پر سندن مڙس مالڪ بن نضر اسلام قبولڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔ حضرت بي بي اُمِّ سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها ان کي به دين جي دعوت ڏني پر ان جي قسمت ۾ اها سعادت نه هئي، بلڪ هو ناراض ٿي ملڪ شام هليو ويو ۽ اتي رهڻ لڳو۔ ڪجھ عرصي کان پوءِ ان جو انتقال ٿي ويو، جڏهن ان جي موت جي خَبَر حضرت اُمِّ سُليم رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها کي ملي ته ان وَقت سندن پٽ حضرت اَنَس بِن مالِڪ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه تمام ننڍا هئا، پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها ارادو ڪيو ته اڃان ڪجھ عرصو نڪاح نه ڪنديس۔

جڏهن ڪجھ عرصو گذري ويو ته حضرت ابو طلحه رَضِىَ اللّٰهُ عَنْه کين نِڪاح جو پيغام ڏنو، جيئن ته هو اڃان مسلمان نه ٿيا هئا، ان ڪري پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ عَنْها فرمايو: مون کي اهو نٿو زيب ڏئي ته مان هڪ غير مسلم سان نِڪاح ڪيان۔ هڪ روايت ۾ آهي پاڻ فرمايائون: اي ابوطلحه! اوهان جھڙن ماڻهن جي پيغام کي رد نٿو ڪري سگھجي پر تون مسلمان نه آهين جڏهن ته مان مسلمان آهيان۔ تنهنڪري منهنجو توسان نڪاح نٿو ٿي سگھي۔ پوءِ فرمائڻ لڳيون: اي ابو طلحه! ڇا توکي خبر ناهي ته جنهن خُدا جي تون عبادت ڪرين ٿو اهو ته زمين مان ڦٽندڙ هڪ وڻ آهي، جنهن کي فلاڻي قبيلي جي هڪ حبشي بڻايو آهي؟ ان