Book Name:Be Misal Auratain

اهڙي پختگي هجي، جڏهن شريعت کي ايتري اهميت ڏني وڃي تڏهن الله پاڪ اهڙو مقام عطا فرمائيندو آهي جو اهڙين بي مثال عورتن جو واسطو ڏئي نه بلڪ انهن جي استعمال جي شين جو واسطو ڏئي نه بلڪ انهن جي استعمال شده ڪپڙن جي هڪ ڌاڳي جو واسطو ڏنو وڃي ته الله پاڪ رحمتن جون بارشون عطا فرمائيندو آهي۔

اڄ جي ڪجھ عورتن کي ڇا ٿي ويو آهي؟

          جڏهن ته ان جي برعڪس جتي بي پردگي عام هجي، جتي عورتن ۾ شرم و حيا ئي نه هجي، جتي بدنگاهي عام هجي، جتي دين تي عمل کي دقيانوسي سوچ سمجھيو وڃي، جتي پردي کي پراڻي زماني جو رواج سمجھيو وڃي ته اتي رحمتون ته ڇا وسنديون الٽو بي برڪتيون پيدا ٿينديون آهن۔ هڪ پاسي اسان جون اهي بي مثال عورتون هيون جيڪي پردي جي اهڙي پاسداري ڪنديون هيون جو انهن تي ڪنهن اجنبي جي نظر پوڻ اها ته پري جي ڳالھ آهي، سڄي زندگي انهن جي ڪپڙن کي ڪو اجنبي نه ڏسي سگھندو هو ۽ هڪ اڄ جون عورتون آهن جتي ڏسو بي شرمي ۽ بي حيائي جي دعوت ڏيندي نظر اينديون آهن۔ اڄ جيڏانهن ڏسو دين کان دور عورتون بي پردگي کي فروغ ڏيندي نظر اينديون آهن۔ اشتهارن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، بازارن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، سنيما گھرن جي هالن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، سنيما جي پردن تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، ٽي وي جي اسڪرينن تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، ايئرپورٽ تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، اسڪولن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، ڪالجن ۽ يونيورسٽين ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، وڏن وڏن شاپنگ سينٽرن ۾ اهڙيون عورتون هونديون آهن، دڪانن جي ڪاؤنٽرن تي اهڙيون عورتون هونديون آهن، ۽ اهو سڀ ڪنهن شيء جي نالي تي ٿي رهيو آهي؟ اهو سڀ بزنس جي نالي تي ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ايجوڪيشن جي نالي تي ٿي رهيو آهي، اهو سڀ ڏيکاء ۽ فخريه طور تي ٿي رهيو آهي ۽ اهو سڀ ترقي جي نالي