Book Name:Be Misal Auratain

اللّٰهِ عَلَيۡها جيڪا خليفه عبدالملڪ جي نياڻي هئي، ان جو وڏي گھراڻي سان تعلق هو۔ پر سندن جي سيرت تي نظر وڌي وڃي ته انهن جو به تاريخِ اسلام جي بي مثال عورتن ۾ شمار ٿيندو۔ جڏهن حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه خليفه بڻيا ته پنهنجي زوجه محترمه بي بي فاطمه سان مشورو ڪندي فرمائڻ لڳا: توکي پنهنجي هنن زيورن جو حال معلوم آهي ته تنهنجي والد اهي ڪهڙي طرح حاصل ڪيا ۽ پوءِ ڪهڙي طرح توکي ڏنا؟ جيڪڏهن تون اجازت ڏئين ته مان انهن کي هڪ صندوق ۾ بند ڪري تالو هڻي بيتُ المال جي آخري حصي ۾ رکي ڇڏيان، جيڪڏهن هن کان پهريان بيت المال جو سمورو مال خَرچ ٿي وڃي ته ان کي به خَرچ ڪري ڇڏيان ۽ جيڪڏهن ان کي خَرچ ڪرڻ کان پهريان ئي منهنجو اِنتقال ٿي وڃي ته تو کي اهي ملي ئي ويندا۔ (يعني بعد وارو خليفو توهان کي واپس موٽائي ڏيندو۔) زوجه محترمه سعادت مندي سان چيو: جيئن اوهان جي راءِ هجي، منهنجي طرفان اِجازت آهي۔ پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تمام زيور بيتُ المال ۾ رکرائي ڇڏيا، اهي زيور اڃان بيتُ المال ئي ۾ موجود هئا ته حضرتِ عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو وِصال ٿي ويو، بعد ۾ حضرتِ بي بي فاطمه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جو ڀاءُ يزيد بن عبدُالملڪ خليفو ٿيو ته اهي زيور انهن کي موٽائڻ چاهيائين، پر بي بي صاحبه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها اهو چئي وٺڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته اهو نٿو ٿي سگھي ته مان حضرت عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي زندگي ۾ زيورات کي ڇڏي ڏيان ۽ سندن وفات کان پوءِ واپس وٺان۔ پوءِ خليفي اهي زيور گھر جي ٻين عورتن ۾ ورهائي ڇڏيا۔ (سیرت ابن عبدالحکم، ص۵۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

منصب ڇاجي لاءِ ملندو آهي؟

          پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن حڪايت ۾ اسان جي لاءِ درس جا ڪيئي پهلو آهن۔ هڪ ڳالھ ته اها معلوم ٿئي ٿي ته ڪو به منصب ۽ عهدو گھر ڀرڻ جي لاءِ ناهي هوندو، بلڪ الله جي مخلوق جي خدمت ڪري رب جي رضا ماڻڻ جي لاءِ هوندو آهي ۽ جيڪي ماڻهو انهيء ڳالھ کي پنهنجو مقصد بنائن ٿا اهي