Book Name:Be Misal Auratain

هن دنيا ۾ به ڪامياب رهندا آهن ۽ آخرت ۾ به فائدو کڻندا آهن۔

زال هجي ته اهڙي!

            ٻي ڳالھ اها به معلوم ٿي ته اڄ جي عورتن جي هڪ تعداد آهي جنهن جو حال اهو آهي جو مال ۽ دولت، زيور ۽ عمده لباس وغيره کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڊوڙ ڊڪ ڪندي نظر اينديون آهن، الماريون ڀريل هونديون آهن پر انهن جي دل جي لالچ ۽ حرص ختم ناهي ٿيندو، اڃان ملي وڃي، وڌيڪ ملي وڃي انهيء ڪوشش ۾ رهنديون آهن۔ افسوس جو لکين روپين جا زيور ۽ لباس هئڻ جي باوجود راھ خدا ۾ هڪ پائي خرچ ڪرڻ کان ڪيٻائينديون آهن.   

          اهڙن عورتن جي لاءِ حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بي مثال گهر واريءَ جو بي مثال ڪردار مشعلِ راھ (رهنمائي ڪرڻ وارو چراغ) آهي۔ ڇوته اهي زيور جيڪي ان وٽ هئا، اهي انهن کي والد ڏنا هئا جيڪو پنهنجي وقت جو خليفو هو، قطعي طور تي حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي گھرواريء انهن زيورن جون مالڪه هيون۔ اهي چاهين ها ته چئي ڇڏين ها ته منهنجي والد ڏنا آهن، ان جتان به ورتا هجن هاڻي ته اهي منهنجا ئي آهن۔ پر انهن اهڙو ڪجھ نه ڪيو، بلڪ ڪمال تابعداري جو مظاهره ڪندي چيائون: جيئن اوهان جي راءِ هجي (اهو ڪريو) منهنجي طرفان اجازت آهي۔

          هتي اها ڳالھ به آهي ته حضرت عمر بن عبدالعزيز رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو خليفو بڻجندي ئي سندن گھرواريء جي دولت ۽ مال ۾ اضافو ٿيڻ گھرجي ها ڇوته هاڻي وڏو عهدو هو ته آمدني به وڌڻ گھرجي ها، پاڻ خليفو انهن کي تحفا ڏئي ها، ٻيا ماڻهو پڻ نذرانو پيش ڪن ها، اها پاڻ به پنهنجي مڙس کان ڪنهن مهانگي شيء جي فرمائش ڪري سگھيون پئي، ڇوته اسان پنهنجي آسپاس ڏسون پيون ته ڪنهن جي مڙس کي معمولي ترقي ملي وڃي يا ڪو عهدو ملي وڃي ته زال اهو ٻڌندي ئي فرمائشن جا انبار لڳائي ڇڏيندي آهي، ان کي پرواه تائين ناهي هوندي ته مڙس ناجائز ذريعن کان ان جي فرمائش پوري ڪري ٿو يا