Be Misal Auratain

Book Name:Be Misal Auratain

وقت جون نمازون ته ادا ڪرڻ گھرجن۔ ياد رکو نماز جي ادائيگي فرض آهي،  ان ۾ هرگز هرگز سستي نه ٿيڻ گھرجي۔ اهڙي طرح اسان حضرت بي بي نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي باري ۾ ٻڌو ته انهن قبر ۽ آخرت کي ياد رکڻ جي لاءِ پنهنجي قبر پهريان کان ٺاهرائي رکي هئي ۽ ان ۾ ختمِ قرآن ڪرڻ لڳيون هيون ايستائين جو ٻه هزار ڀيرا ختمِ قرآن ڪري ورتو، اسان کي به روزانو قرآن جي تلاوت جو معمول بنائڻ گھرجي ۽ انهن جھڙي طرح جي زندگي گذاري ان جو انعام انهن کي هن زندگي ۾ اهو مليو ته اهي جيڪي خواهش ڪنديون هيون، الله پاڪ انهن کي عطا ڪندو هو۔ هن ۾ اسان جي لاءِ به درس آهي ته جيڪڏهن اسان به دنيا جي بدران خالق جون ٻانهيون بڻجي وڃون، اسان به پنهنجي زندگي کي بي مثال عورتن جيان گذارڻ واريون بڻجي وڃون ته اها دنيا اسان جي لاءِ پڻ حڪم جي غلام ٿي پوندي، بي مندائتا ميوا اسان کي به نصيب ٿيندا ۽ سڀ کان وڏو فائدو اهو ٿيندو ته هميشه رهڻ واري آخرت به بهتر ٿي ويندي۔ انهن سمورين ڳالھين تي عمل جي لاءِ اوهان عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سان وابسته ٿي وڃو ۽ سڄي دنيا ۾ دين جو پيغام عام ڪرڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي سان تعاون ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سنت جي فضيلت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿي۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔

(مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵، حدیث :۱۷۵)

مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب