Book Name:Be Misal Auratain

عطا فرمائي۔ شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت ڪهڙي نه خوب دعا گھرن ٿا:

عبادت میں گزرے مری زندگانی                              کرم ہو کرم یاخدا یاالٰہی

بنا دے مجھے نیک نیکوں کا صدقہ                                  گناہوں سے ہر دم بچا یاالٰہی

گناہوں کے امراض سے نیم جاں ہوں                            پئے مرشدی دے شفا یاالٰہی

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اسان تاريخ جي بي مثال عورتن جي بي مثال سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌي رهيون آهيون، اچو! هڪ ٻي بي مثال عورت جي سيرت جي جھلڪ ٻڌون ٿا:

حضرت نَفِيسَه جي مختصر سيرت

          هن عظيم ۽ بي مثال خاتون جو نالو آهي ”سيده نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها“ هي شهزاه عالي وقار، نواسه رسول، جگر گوشه بتول حضرت امام حسن مجتبي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پَڙ پوٽي هئي، گھڻي نيڪ ۽ وڏي پرهيزگار هئي۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها مڪه مڪرمه ۾ پيدا ٿيون۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جو معمول هو ته ڏينهن جو روزو رکنديون هيون ۽ سڄي رات نمازون پڙھنديون رهنديون هيون۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها ٽيھ حج ڪيا، جن ۾ اڪثر پيدل حج ڪيا هئا۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي ڀائٽِي چوندي ههئي ته مون پنهنجي پڦيءَ حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي چاليھ (40) سال خدمت ڪئي، ان عرصي ۾ ڪڏهن به انهن کي رات ۾ سمهندي نه ڏٺو۔ هڪ ڀيري مون انهن سان عرض ڪيو: اوهان پنهنجي جان کي آرام ڇو نٿيون ڏيو؟ ته فرمائينديون هيون: ڪيئن آرام ڪيان؟ جڏهن ته منهنجي اڳيان ڏکيون منزلون آهن جن کي ڪامياب ماڻهو ئي طئي ڪري سگھن ٿا۔ * حضرت نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها جي ڀائٽيءَ کان پڇيو ويو ته حضرت سيده نَفِيسَه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡها ڇا کائينديون هيون؟ جواب ڏنو: اهي ٽن ڏينهن ۾ بس هڪ گرھ