Book Name:Be Misal Auratain

صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن باري ۾ ڇا ارشاد فرمائن ٿا؟

دين تي عمل جي جزاء ڇا آهي؟

ياد رکو! جيڪڏهن اها ئي سوچ بڻجي وئي، ۽ اسان هر ڪم ڪرڻ کان پهريان اهو ئي سوچڻ شروع ڪري ڇڏيو ته اسان جو دين ڇا چوي ٿو ۽ ان جي مطابق اسان عمل شروع ڪري ڇڏيو، ته اسان جو اهو عمل نه صرف دنيا ۾ اسان کي ڪامياب ڪندو، بلڪ اسان جو اهو عمل اسان کي قبر ۾ پڻ رسوا ٿيڻ کان بچائيندو ۽ اسان کي قيامت جي ڏينهن به رسوا ٿيڻ کان بچائيندو۔ انهيء ڳالھ کي سيپاري 30 سورة البينة آيت نمبر 7 ۽ 8 ۾ هن طرح بيان ڪيو ويو آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمْ خَیْرُ الْبَرِیَّةِؕ(۷) جَزَآؤُهُمْ عِنْدَ رَبِّهِمْ جَنّٰتُ عَدْنٍ تَجْرِیْ مِنْ تَحْتِهَا الْاَنْهٰرُ خٰلِدِیْنَ فِیْهَاۤ اَبَدًاؕ-رَضِیَ اللّٰهُ عَنْهُمْ وَ رَضُوْا عَنْهُؕ-ذٰلِكَ لِمَنْ خَشِیَ رَبَّهٗ۠(۸) (پ۳۰،البينه :۷،۸)                                              

ترجمو ڪنز الايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيائون هي ئي سموري مخلوق ۾ بهتر آهن. انهن جو انعام سندن رب وٽ ٽڪڻ جا باغ آهن جن جي هيٺان نهرون وهن ٿيون. جن ۾ هميشه هميشه رهندا، الله انهن کان راضي ٿيو ۽ اهي ان کان راضي ٿيا اهي ان جي واسطي آهي جيڪو پنهنجي رب کان ڊڄي.

          هنن آيتن جي حوالي سان حضرت علامه علي بن محمد خازن پنهنجي تفسير خازن ۾ لکن ٿا: اهي بشارتون جيڪي آيت سڳوري ۾ بيان ڪيون ويون آهن اهي ان جي لاءِ آهن جيڪو دنيا ۾ پنهنجي ربِّ ڪريم کان ڊڄي ۽ رب جي نافرماني کان بچي۔

(تفسیر خازن،پ ۳۰، البینۃ، تحت الآیۃ:۸، ۴/۴۲۹، ملتقطا)